ايل بي او ڊي ۽ ھاڪڙو، تاريخي پس منظر، غلط پلاننگ ۽ ٻوڏ جو خطرو

تحرير: مينڌرو ڪاجھروي

حصو ٻيو ۽ آخري

ھوڏانھن ڳوٺ لوءِ ۽ ڳوٺ گڏر وارا علائقا پڻ خطرناڪ صورتحال کي دعوت ڏيئي رھيا آھن. ايل بي او ڊي جي کاري پاڻي جو ڇوڙ ڍورو پراڻ ۾ برقرار رکيو ويو ته لوڻ جي کاڻين تي اٽيڪ به ٿي سگھي ٿو. اھا صورتحال سڄي ٿرپارڪر کي سمنڊ جي وات ۾ ڏيڻ جي برابر ھوندي.

ڪجهھ ماھرن جو اھو به چوڻ آھي ته شڪور ڍنڍ جو اڳتي ڇوڙ بند ٿي چڪو آھي تنهن ڪري پاڻي کي پنھنجي گنجائش آھر برداشت ڪري سگھي ٿي. نيٺ ڪٿان نه ڪٿان ڦاٽ کائي سگھي ٿي، ان صورتحال ۾ ٿرپارڪر ۽ بدين ٻٽي عذاب ۾ ڦاٿل ڏسجن ٿا.ڍورو پراڻ تي مختلف ٻن ھنڌن ڳوٺ ھوت لنڊ وٽ پنجتن پتڻ ۽ ڳوٺ عجيچ فقير وٽ ڪاٺڙي پتڻ  تي ڪاٺين جون جگاڙي پلون ٺاھيون ويون آھن.اصل ۾ ڍورو پراڻ مٺي پاڻي جو وھڪرو رھيو آھي، مٿان کان برساتن جو ايندڙ پاڻي کڻي وڃي شڪور ڍنڍ ۾ اڇلائيندو ھو، ماڻھن کي گذرڻ جي تڪليف رڳو برساتن جي موسم ۾ ٿيندي ھئي باقي ته سڪل ھوندو ھو جنھن ڪري ماڻھو آساني سان لنگھي ويندا ھئا، برساتن ۾ وري ٻيڙيون بيھاري ان وسيلي اچ وڃ ڪندا ھيا، ھاڻي جڏھن کان کارو پاڻي ڇڏيو ويو آھي ته ماڻھو ٻارنھن ئي مھينا عذاب ۾ آھن، کارو پاڻي ڇڏڻ وارن وري عوام تي ٿورو ڪندي ڪاٺين جون جڳاڙي پلون ٺاھي ورتيون، جنھن تان پير سلپ ٿيڻ ڪري پنجتن پتڻ تي 4 ماڻھو ۽ ڪاٺڙي پتڻ تان 2 ماڻھو ٻڏي مري ويا.

ڪاٺڙي پتڻ تي پل جو ڍانچو قائم ٿي چڪو آھي پر 8 سالن کان پل تيار نه ٿي سگھي آھي. ماڻھو عذاب ھيٺ آھن، ڪجھ ڏينھن اڳ ميڊيا جي ٽيم تعميراتي رولڙي جو شڪار پل تي پھتي ته اتي موجود ڪجهھ ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو.ڳوٺاڻن جو جھنگ ۾ پرامن احتجاج انتظامي لابي کي برداشت نه ٿيو ۽ پوليس اٽالا آڻي ڳوٺاڻن کي کنڀي ويا ۽ مٿن کوسڪي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو.

پوليس جي هراسان ڪرڻ جون لاڳيتو ڪاروايون ميڊيا ۾ رپورٽ ٿينديون رھيون.ميڊيا ۾ اھي به خبرون پڙھڻ لاءِ مليون ته ڪاٺين جي پل ڪراس ڪندڙ لنڊ برادري جي ٻچن ٻارن تي پوليس ھٿيار به تاڻيا، ھلون ڪيون، ڊيڄاريو جنھن ڪري عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ھڪ عورت نالي آمنت جو حمل ضائع ٿي ويو جيڪا بدين جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ايل بي او ڊي ۽ ڪي پي او ڊي جي ميلاپ کان شڪور ڍنڍ 70 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي،جڏھن ته ڪي پي او ڊي وٽان آر ڊي 17 تي ھڪ دڪو ٻڌل آھي، جنھن کي چائنا دڪو چيو وڃي ٿو،ھن دڪي بابت اسٽيڪ ھولڊرن جو چوڻ آھي ته شڪور ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ تي انڊيا کي اعتراض ٿيو، ھن اقوام متحده ۾ درخواست داخل ڪئي، جنھن تي چائنا ٽياڪڙي ڪئي ۽ ان ٽياڪڙي جي بنياد تي اھو دڪو لڳايو ويو، جنھن کي چائنا دڪو چيو وڃي ٿو.جتان پاڻي شڪور ڍنڍ مان وڃڻ بدران واپس ڪي پي او ڊي ۾ ڪري ٿو.آر ڊي 110 تي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھندڙ پل 8 سالن کان رولڙي جو شڪار آھيٺيڪيدار غائب آھي، ڪم نه ٿيڻ جي ڳوٺاڻن نشاندھي ڪئي ۽ احتجاج ڪيو ته ٺيڪيدار ۽ سرويئر گڏجي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو ۽ مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.حڪومت کان جاري ٿيل فنڊن جو پڇاڻو ڏوھ بڻجي ٿو وڃي۽ ڳوٺاڻن تي عذابن جا پھاڙ ڪيرايا ٿاوڃن.آر ڊي 211 وٽ ايل بي او ڊي تي لڳل گيٽن تي اربين رپيا لاڳت ٻڌائي پئي وڃي.جڏھن ته ميڊيا ۾ جاري ٿيل انگ اکرن مطابق 14 ارب رپين جي لاڳت جو تعميراتي ڪم ڄاڻايو پيو وڃي، جنھن ۾ ايل بي او ڊي، ھاڪڙو پراڻ ۽ ھاڪڙو ڍورو جي ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ، وھڪرا صاف ڪرڻ، وڻ وڍڻ ۽ کوٽائي ڪري مٽي ڪڍڻ شامل آھي، پر ڪٿي ته ڪوبه ڪم ناھي ٿيو.

تازو سنڌ جي وڏي وزير ايل بي او ڊي تي آر ڊي 211 تي لڳل گيٽن جو افتتاح ڪيو ۽ نيوي چڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نوڪرين جو اعلان ڪري ماڻھن کي آٿت ته ڏني پر برساتن وڌڻ جي صورت ۾ ايندڙ ٻوڏ بابت نه صلاحون ڏنيون، نه بريفنگ ورتي، نه ئي ڪمزور ڪنارن جو معائنو ڪيو، نه ئي ڪاٺين جي پل تان ڪري فوت ٿيلن جي وارثن وٽ ويو، نه ئي سندن معاوضي جو اعلان ڪيو نه ئي حفاظتي اپاءِ وٺڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون.

تازو سنڌ جي وڏي وزير ايل بي او ڊي تي آر ڊي 211 تي لڳل گيٽن جو افتتاح ڪيو ۽ نيوي چڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نوڪرين جو اعلان ڪري ماڻھن کي آٿت ته ڏني پر برساتن وڌڻ جي صورت ۾ ايندڙ ٻوڏ بابت نه صلاحون ڏنيون، نه بريفنگ ورتي، نه ئي ڪمزور ڪنارن جو معائنو ڪيو، نه ئي ڪاٺين جي پل تان ڪري فوت ٿيلن جي وارثن وٽ ويو، نه ئي سندن معاوضي جو اعلان ڪيو نه ئي حفاظتي اپاءِ وٺڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.