ڇا فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ اڻٽر هو!

تحرير: حامد مير

آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو خيال هو ته هو مٿس ڪڏهن به هٿ نه وڌو ويندو.  نومبر 2022ع ۾ جنرل قمر جاويد باجوا کيس ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻجي ويو ته تنهنجو ڪورٽ مارشل ضرور ڪندو، پر فيض صاحب کي پڪ هئي ته عاصم منير آرمي چيف نه بڻجي سگهندو.  جڏهن عاصم منير آرمي چيف بڻجي ويو ته فيض صاحب وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي.  رٽائرمينٽ کان پوءِ هو ڪجهه وقت محتاط رهيو پر جڏهن سندس خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي ته هو غير محتاط ٿي ويو.

هو هڪ اهڙي نظام جي پيداوار هو جتي طاقت جو بي جا استعمال ٿيندو آهي، اختيارن جي غلط استعمال تي اداري اندر ته احتساب ٿيندو آهي پر جڏهن توهان اداري جا سربراهه بڻجي ويندا آهيو ته پوءِ ملڪ جو آئين ۽ قانون اوهان آڏو بي وس ٿي ويندا آهن.  فيض حميد کي يقين هو ته جيڪڏهن سندس خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي ته هو ثابت ڪري ڇڏيندو ته هن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو جنرل قمر جاويد باجوه جي حڪم تي ڪيو آهي ۽ ڪنهن کي به اها جرئت نه ٿيندي ته هو باجوه خلاف ڪارروائي ڪري.  فيض حميد پاڻ کي ضرورت کان وڌيڪ چالاڪ ۽ هوشيار سمجهندو هو ۽ اها ئي سندس وڏي خامي هئي.

رٽائرمينٽ کانپوءِ هو هڪ نه پر ٽن مختلف پارٽين جي قيادت سان رابطي ۾ رهيو، هن تحريڪ انصاف جي ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ اڳواڻ ذريعي مختلف ماڻهن کي پيغام موڪليا ۽ تحريڪ انصاف کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ايستائين جو هو پنهنجي من پسند ماڻهن کي پارٽي ۾ عهدا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جنهن سبب تحريڪ انصاف اندر سندس خلاف بيچيني پيدا ٿي وئي هئي.  ان پريشاني جي ڪري ڪجهه خبرون اهڙيون به آيون ته هن تحريڪ انصاف جي ڪجهه اڳواڻن کي فوج جي حاضر سروس آفيسرن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن انهن خبرن جي تصديق ٿي ته فيض حميد خلاف 7 سال پراڻا ڪيس کولي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.  ٽاپ سٽي اسلام آباد ڪيس جي جاچ دوران سندس خلاف ٺوس ثبوت سامهون آيا، پر جنرل قمر جاويد باجوا سندس خلاف ڪارروائي جي اجازت نه ڏني.  ٽاپ سٽي ۾ فيض حميد جو ڪردار ڪو ٽاپ سيڪريٽ نه هو، اصل ٽاپ سيڪريٽ ته اهي معاملا آهن، جنهن سبب فيض حميد کي پڪ هئي ته سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي.

سندس ان اعتماد جو وڏو سبب پاڪستان جي وڏين سياسي پارٽين ۾ سندس گهرا لاڳاپا هئا.  مسلم ليگ (ن) ۾ سندس لاڳاپن جي اونهائي جو اهو عالم هو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي.  ان ڪميٽيءَ ۾ موجوده حڪومت پنهنجا انتهائي معتبر پوليس آفيسر شامل ڪيا.  2017ع ۾ حڪومت ۾ شامل مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ڪميٽي آڏو پيش ٿيا ۽ ڪميٽي فيض حميد کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو.

عام تاثر اهو آهي ته فيض حميد، تحريڪ انصاف جي تمام ويجهو هو، پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته سندس مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سان گهرا لاڳاپا هئا.  2019ع ۾ هن انهن لاڳاپن جي مدد سان نه رڳو نواز شريف کي طبي بنيادن تي پاڪستان کان ٻاهر موڪليو پر انهن ٽنهي پارٽين کي جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ لاءِ به راضي ڪيو.  باجوه کي واڌ ڏيڻ ۾ فيض جو به پنهنجو مفاد هو.  توسيع جي نتيجي ۾ ڪجهه سينيئر آفيسر رٽائر ٿي ويا ۽ فيض حميد جو نمبر مٿي هليو ويو.  2022ع ۾ باجوه هڪ ٻي واڌ وٺڻ چاهي پيو پر هن ڀيري فيض حميد آرمي چيف ٿيڻ چاهي پيو.  فيض حميد آرمي چيف جي حيثيت سان جلد چونڊون ڪرائڻ چاهي پيو ۽ سندس پلان هو ته تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽيءَ جي گڏيل حڪومت ٺاهي پاڪستان جي آئين کي تبديل ڪري. کانس غلطي اها ٿي هئي ته هو آصف علي زرداري کي پڻ نواز شريف وانگر طبي بنيادن تي پاڪستان کان ٻاهر موڪلڻ پئي چاهيو.  هن بلاول ڀٽو کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بلاول پنهنجي والد خلاف ڪنهن به سازش جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  بلاول، مسلم ليگ (ن) سان گڏجي پي ڊي ايم ٺاهي ۽ اهڙي نموني عمران خان جي حڪومت کي ڊاهڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي.

باجوه عمران خان خلاف سازشون ان لاءِ شروع ڪيون ڇاڪاڻ ته خان صاحب ڪجهه معاملن تي باجوه جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار نه هو.  پهريون اختلاف عثمان بوزدار تي ٿيو.  ٻيو تڪرار اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي ٿيو ۽ پوءِ باجوه فيض حميد جي معرفت هندستان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊول سان اهڙا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا جن جي عمران خان کي خبر نه هئي.  جڏهن اپريل 2022 ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو پاڪستان جو دورو طئي ٿيل هو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي دوري کي رد ڪري ڇڏيو هو.  عمران خان پنهنجي پرڏيهي وزير جي حمايت ڪئي.  پر باجوه ڪاوڙيل هو ۽ فيض حميد ٻنهي طرفن کان راند کيڏي رهيو هو.  هڪ طرف هن لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت سان جنگ بندي جي معاهدي تي اتفاق ڪيو ته ٻئي طرف عمران خان باجوه تي الزام هنيا.  عمران خان جو چوڻ هو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري پاڪستان کي ڌوڪو ڏنو.  ان ڪري ان ٺڳي کانپوءِ ڀارت سان جنگبندي ۽ نريندر مودي جو پاڪستان دورو انهن لاءِ مسئلا پيدا ڪندو.  ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني انهن سمورن واقعن تي نه رڳو پريشان پر ناراض هو، سو جڏهن عمران خان مودي جو پاڪستان اچڻ تي سندس آجيان کان انڪار ڪيو ته باجوه سان ڊيڊ لاڪ ٿي ويو.  بعد ۾ صدر عارف علويءَ اهو تعطل ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر فيض حميد عمران خان کي صلاح ڏني ته باجوه تي اعتبار نه ڪيو وڃي.

فيض حميد ڪڏهن به عمران خان جو همدرد نه هو.  هو خان ​​صاحب سميت سڀني سان ڊبل گيم ڪندو رهيو.  2019ع کان 2022ع دوران هن ڪجهه اهم پرڏيهي شخصيتن سان به لاڳاپا قائم ڪيا ۽ کيس يقين هو ته جيڪڏهن سندس خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي ته اهي شخصيتون کيس بچائينديون. پر فيض حميد کي بچائڻ لاءِ هن وقت تائين انهن شخصيتن ڪجهه نه ڪيو آهي.  فيض حميد خلاف ڪارروائي سان فوج ۾ ڪرپشن جو رستو بند ٿي ويندو پر اصل مسئلو ڪرپشن نه پر سياست ۾ فوج جي مداخلت آهي.  اها مداخلت ڪرپشن جا رستا کوليندي آهي.  فوج کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياست ۾ ان جي مداخلت ختم ڪرڻ ضروري آهي.  فيض حميد جهڙا ڪردار فوج جي سياست ۾ اهڙي مداخلت سبب ئي پيدا ٿينداآهن.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو خيال هو ته هو مٿس ڪڏهن به هٿ نه وڌو ويندو.  نومبر 2022ع ۾ جنرل قمر جاويد باجوا کيس ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻجي ويو ته تنهنجو ڪورٽ مارشل ضرور ڪندو، پر فيض صاحب کي پڪ هئي ته عاصم منير آرمي چيف نه بڻجي سگهندو.  جڏهن عاصم منير آرمي چيف بڻجي ويو ته فيض صاحب وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي.  رٽائرمينٽ کان پوءِ هو ڪجهه وقت محتاط رهيو پر جڏهن سندس خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي ته هو غير محتاط ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.