ملڪ ۾ هاڻي منافعو ڏيندڙ ڪجهه ادارا وڃي ڪجهه رهيا آهن، جيڪي آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ادارو صرف ٽيڪس ڪليڪشن رهيو آهي، ۽ ٽيڪس ڪليڪشن جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو ۽ وقت سر ان ٽيڪس جي مد ۾ سرڪار ٻيون شيون ۽ خدمتون به شامل ڪندي ٿي وڃي. مثال طور تي 60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن ۾ رڳو انڪم ٽيڪس جو ادارو فعال هوندو هيو جيڪو هر قسم جي شيءِ يا ملڪيت تي انڪم ٽيڪس يا کڻي ويلٿ ٽيڪس اوڳاڙيندو هيو. هاڻي ته وري انڪم ٽيڪس جو ادارو ڀَتي جي صورت وٺي ويو آهي. جنهن ۾ شرط ۽ رياستي پاليسي آهي ته جيڪو به ڪم ٿئي ان ڪم جي ٿيڻ کان پهرين سرڪار کي ٽيڪس ڏيڻو ٿو پوي، پوءِ اها شيءِ هجي يا ڪو ڪم يا ڪا خدمت پر هرڪمپني، هر ماڻهو ۽ هر ادارو ٽيڪس ڀريندو رهندو.
هاڻي ته ڪنزيومر ٽيڪس به گهڻي ٿي پئي آهي، جو جيڪو ماڻهو ڪا به شيءِ وٺندو يا کائيندو ته ان تي ڪنزيومر ٽيڪس ڏيڻي پوندس، ۽ اها شيءِ ٺاهڻ وارو به ساڳي شيءِ تي انڪم ٽيڪس به ڏيندو ۽ جيڪو ماڻهو يا ادارو ان شيءِ جي ترسيل ڪندو (پهچائيندو) ته ان کي سپلاءِ معني شين جي کڻي وڃي پهچائڻ تائين جي نظام تحت سڀ قسم جون ٽيڪسون ڏيڻيون پونديون. هاڻي وري يوٽيلٽي جي بلن تي هر قسم جي ٽيڪس، ڪنزيومر ٽيڪس ۽ ڪنيڪشن ٽيڪس به لاڳو ڪئي اٿن ته بجلي هلايو نه هلايو بس جيڪڏهن ميٽر لڳل آهي ته ٽيڪس ڏيڻو پوندو. ساڳي شي پگهاردار تي به آهي ته هو جيڪڏهن هڪ لک پگهار کڻندو ته ٿلهي ليکي ان پگهار تي ساليانو 30 هزار ۽ ماهورا 2 هزار ٽي سو رپيا ڏيڻا پوندس، ۽ ان کان سواءِ ٻيون ٽيڪسون الڳ.
اڳ ۾ ائين نه هيو، هاڻي رياست جي ڪارندن جي عياشي وڌي وئي آهي جو جيڪو ماڻهو ڪمائي ٿو ان ڪمائي جو 70 سيڪڙو رڳو يوٽيلٽي جي بلن ۾، انڪم ٽيڪس ۾، ويلٿ ٽيڪس ۾، ڪنزيومر ٽيڪس ۾ ۽ روڊ ٽيڪس وغيره وغيره جي زمري ۾ رياست جي اڪائونٽ ۾ وجهي ٿو ڇڏي، ڇو جو ته هيءَ رياست هر جيئري ماڻهوءَ کان ٽيڪس وصول ٿي ڪري، ايستائين جو فقير به ڪنزيومر ٽيڪس ڀري ٿو. پر ايتري ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود رياست ڪنهن به طرح زميوار ناهي ته هوءَ به خلق جو کائي انهن سان ڪنهن بنيادي سهولتن جي ڳالهه ڪري، جنهن ۾ تعليم، صحت، اٽو، لٽو، اجهو، پيئڻ جو صاف پاڻي، روزگار جي هوندَ ممڪن ڪري. ٽيڪس ته هر ماڻهو ڏئي ٿو پر ان ذريعي رياستي ڌن دولت جا مالڪ رڳو اهي آهن جيڪي قسمت جا ڌڻي آهن، پر بدقسمتي اها آهي ته هن رياست جي نعري يا منشور ۾ ملڪ ۾ ڪو به سوشلزم، ڪميونزم يا ڪو فلاحي رياست جو تصور ناهي ۽ نه ئي ممڪن آهي. خوشحاليءَ جو مطلب پيسي جي گهڻائي ناهي پر شين ۾ ضابطي جو اهڃاڻ ضروري هجي ٿو. مثال ٽڪي پيسي واري دور ۾ شين جو وٺڻ ۽ ماڻهن جي قوت خريد پوءِ به هئي. هاڻي وقت آهر ماڻهن جي قوت خريد ڄڻ مري پئي آهي، ڪير به ڪا به شيءِ وٺڻ کان پهرين ان جهڙي ڪا هليل ۽ پراڻي شيءِ وٺڻ جي ٿو ڪري. ان ڪري ته نئي شيءَ وٺڻ ماڻهن جي وس ۾ ناهي رهيو.
ڊجيٽل دهشتگرديءَ واري ڳالهه مطابق ته عمران خان جي دور ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي ماڻهن کان خيالي ۽ ڪوڙي ووٽنگ به ڪرائيندا هيا ته عمران خان صحيح آهي يا غلط، ملڪ ۾ مهانگائي صفا ناهي رهي يا ماڻهو هاڻي خوشحال آهن، نوازشريف ڀلو آهي يا زرداري، يا عمران خان هي ملڪ ڌڪي هلايو ويندو وغيره، پر انهن سڀني زمرن ۾ شين جي اصليت ۽ بنياد کي به ڏسجي. اها ڳالهه چوڻ مناسب ناهي ته 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ هاڻي هر ماڻهوءَ وٽ موبائيل فون آهي، هر ماڻهوءَ جي گهر ۾ ٽي وي هلي ٿي، صفا نه به هجي پر هر ماڻهوءَ وٽ سائيڪل ۽ موٽرسائيڪل آهي ئي آهي. يا هر ماڻهو وٽ بجلي، سولر پينل، پکو آهي ئي آهي، پوءِ فرج يا ٻيون شيون نه به هجن. گهڻي ڀاڱي ماڻهن وٽ پنهنجو پراڻيون سُراڻيون يا نيون گاڏيون به آهن، ماڻهو هاڻي گهٽ ۾ گهٽ لکاپتي به آهن. ان ڪري ته انهن جا ٻار گهٽ ۾ گهٽ مينم ويجز جي دائري ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي گهر کڻي ٿا اچن، ۽ اهي هزارين ۽ لکين روپيا جيڪي 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ ممڪن نه هيا، سي هاڻي ممڪن آهن، ماڻهو گهڻو ڪمائي ٿا اچن پر پورت ناهي. ان ڪري ته مهانگائي جي ڪري غريب مزدور ۽ هاري جيڪو ڪمائن ٿا سو مهانگائي جي نذر ٿي ٿو وڃي ۽ غريب وري ساڳو بي حال، معني جيڪا شيءِ 70 واري ڏهاڪي ۾ 1 روپئي جي به مس هوندي هئي سا هاڻي هزارين روپين جي ٿي وئي آهي ۽ ڪا خبر ناهي ته سڀاڻي اها شيءِ ڪٿي پڄندي.
خوشحالي جي زمري جي ڳالهه اها به ناهي ته ماڻهو ڪاٺيون ڇڏي گيس ٿا ٻارن يا گهڻي ڀاڱي ماڻهن جو گذارو گيس تي آهي، انهن وٽ سولر تي هلندڙ سڀ شيون آهن جن ۾ استري، چلهو، فرج، ٽي وي (ايل سي ڊي) يا گهڻو ڪجهه. پر ڳالهه اها آهي ته سرڪار انهن جي ڪيتري پرگهور لهي ٿي، جنهن ۾ انهن عام ماڻهن تائين بنيادي سهولتن جي پهنچ به آهي. گيلپ سروي ڀلي اهو به ٻڌائي ته ماڻهن وٽ يو پي ايس به هاڻي گهڻا ٿي ويا آهن، اهي ماڻهو جن جا ابا ڏاڏا ۽ انهن جا خاندان ڪڏهن گاڏين، جهازن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ ريلوي جي بوگين ۾ سفر نه ڪري سگهيا، پر انهن جي اولاد هاڻي زندگيءَ جا مزا وٺن ٿا. اهي هاڻي بجلي، گيس، ٽيليفون، موبائيل، گاڏيون ۽ زندگيءَ جون آسائشون ماڻن ٿا، اهي هاڻي پکن ۽ ائير ڪنڊيشن ۾ ويهن ٿا. اهي ماڻهو جن جي ڳوٺاڻين آبادين ۽ سندن ڪچن ڳوٺن ۾ اڃان تائين بجلي ناهي پر شهري آبادي جي ڪري انهن جي وس آهي ته اهي سڀ آسائشون وٺن يا وٺي سگهن. پر سوال اهو به آهي ته آباديءَ جي گهڻائي ۾ اها شرح ساڳي ٿي بيهي ته سرڪار رڳو انهن علائقن جي پرگهور ٿي لهي جيڪي شهري آباديءَ وارا هجن ٿا باقي غريب علائقن، ڪچين آبادين ۽ شهر جي چوڌاري ٻَڌل ڳوٺن کي ڪجهه به مهيا نه ٿي ڪري. ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏن شهرن ۾ سرڪاري اسڪولن مان ٻارن کي ڪڍي انهن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا باقي سرڪار رڳو ٽيڪس جي اوڳاڙي تي آهي.
اها ڳالهه مشرف به پنهنجي دور ۾ هر گيلپ سروي ۾ ڪرائي هئي ته پاڪستان کان وڌيڪ ورلي ڪو مسلمان ملڪ خوشحال هوندو ان ڪري ته گڏھ گاڏي واري کي به رابطي يا سروسز جي هوندَ يا مهياگيريءَ جي لاءِ رابطي جي ضرورت پوي ٿي، پر خوشحاليءَ جي ماپي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اها شيءِ ناهي ته ماڻهن وٽ موبائيليون آهن. پر ائين هجي ته هر غريب ماڻهو ڏهاڙيدار ۽ مزدور هاري ۽ انهن جي اولادَ کي به گهر خريد ڪرڻ جي سڪت هجي پر ناهي، ۽ هرماڻهو يا خاص غريب طبقو پريشان آهي ته معني ملڪ نسبتن خوش ناهي. ان جو مثال ائين به آهي ته گهر جو ڀاتي جيڪڏهن گهٽ ڪمائيندو ته گهر جي ڪُل اپت به گهٽ هوندي، جي گهر جا سڀ ڀاتي گهڻو ڪمائيندا ته گهرن جي اپت ۽ خرچن ۾ توازن ڪري سگهبو. ساڳي ڳالهه ملڪي معيشت سان به آهي ته ماڻهو ڪمائيندا ته ٽيڪس به ڏيندا ۽ اهي زندگي به معيار واري گذاريندا.