جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ واهپيدار هاڻي پنهنجي چيٽ کي وڌيڪ بهتر اسٽيڪرز سان سجائي سگهندا.
واٽس ايپ کي دنيا جو سڀ کان وڏو ميسجنگ پليٽ فارم مڃيو ويندو آهي ۽ اتي واهپيدار پنهنجي جذبن جو اظهار مختلف طريقن سان ڪندا آهن.
پر سوين ايموجيز ۽ اسٽيڪر پيڪس جي موجودگي باوجود اڪثر واهپيدار اهڙا اسٽيڪر ڳولي ناهن سگهندا جيڪي سندن جذبن جي حقيقي عڪاسي ڪري سگهن.
اِهو ئي سبب آهي جو واٽس ايپ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل اسٽيڪرز متعارف ڪرايا پيا وڃن.
ميسجنگ ايپ طرفان اي آءِ ۽ گيفي ( (Giphy جي مدد سان وڌيڪ اسٽيڪرز واٽس ايپ جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان مقصد لاءِ گيفي سان ڀائيواري ڪئي وئي آهي ۽ سروس جي اسٽيڪرز تائين پهچ لاءِ ڪنهن چيٽ ۾ اسٽيڪر آئيڪون تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي ٽيڪسٽ تا ايموجيز ذريعي پنهنجي پسند جا اسٽيڪرز تلاش ڪريو.
اهڙي طرح هاڻ ميٽا اي آءِ جي مدد سان ڪاسٽيوم اسٽيڪرز به تيار ڪري سگهندئو.
ان لاءِ اوهان کي اي آءِ اسسٽنٽ کي لکت ۾ هدايتون ڏيڻون پونديون يا فون ۾ موجود تصويرون به اسٽيڪرز ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.
پر اِهو فيچر فلحال آمريڪا ۾ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن کي دستياب آهي، ايندڙ هفتن ۾ اِهو فيچر سموري دنيا ۾ واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي .
You might also like