جنرل فيض اسان جو اثاثو هو، کيس ضايع ڪيو ويو: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو معاملو فوج جو اندروني معاملو آهي، منهنجو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڪو واسطو ناهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن فوج جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو احتساب ڪرڻ چاهي ٿي ته ڀلي ڪري، منهنجو ان سان ڪو واسطو ناهي، اهو فوج جو اندروني معاملو آهي.
سندس موجب خواجا آصف چيو ته جنرل فيض جو 9 مئي واقعن سان سڌي ريت واسطو آهي، جيڪڏهن 9 مئي تي واقعا جنرل فيض ڪرايا ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سٺو آ ته فوج انٽرنل احتساب ڪري رهي آهي، جيڪڏهن احتساب ڪري رهيا آهيو ته سڀني جو ڪيو، سڄو معاملو منهنجي گرفتاري کان شروع ٿيو، ان جي جاچ ڇو نه پئي ڪئي وڃي.
پي ٽي آءِ باني چيو ته فيض حميد جا طالبان سان سٺا لاڳاپا هئا، هو ٽن سالن تائين طالبان سان ڳالهيون ڪندو رهيو، مان کيس نه هٽائڻ چاهيو، هو طالبان ۽ افغان حڪومت سان انگيج هو، جنرل فيض زلمي خليل زاد ۽ طالبان کي مون وٽ وٺي آيو هو.
هن چيو ته جنرل فيض اسان جو اثاثو هو، کيس ضايع ڪيو ويو، مان هر هر جنرل باجوا کي چوندو رهيس ته جنرل فيض کي نه هٽايو، هن منهنجي واڌ لاءِ جنرل فيض کي هٽايو، هاڻ جيتري دهشتگردي ٿي رهي آهي ان جو ذميوار جنرل باجوا کي سمجهان ٿو.
عمران خان موجب خواجا آصف چيو آهي ته جنرل باجوا واڌ چاهيندو هو، اها منهنجي موقف جي تائيد آهي، جنرل باجوا پنهنجي واڌ لاءِ منهنجي حڪومت ڪيرائي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جو شرط هو ته جنرل فيض کي هٽايو، جنرل فيض کي هٽائڻ تي منهنجي جنرل باجوا سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.