ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن، مڪمل هڙتال

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي ڪالهه جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڏنو هو، جنهن کي ڏسندي اڄ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام ڪارو ڏينهن ملهائي رهيو آهي، والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي ۽ ڪاروبار مرڪز به بند آهن.
ان موقعي تي حريت اڳواڻن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميري عوام ڀارت کي هڪ مضبوط پيغام موڪلي ته هو ان قبضي کي رد ڪن ٿا، ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجو آزادي ڏهاڙو ملهائڻ جو ڪو حق ناهي، ڀارت جو قبضو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.