رياض(ويب ڊيسڪ) اسٽار فٽبالرڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي ٽيم النصر کي سعودي سپر ڪپ جي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.
سعودي عرب جي فٽبال ڪلب النصر سيمي فائنل ۾ العاون ڪلب جي 2-0 تان شڪست ڏني.
النصر جي رانديگر يحييٰ ميچ جي شروعات ۾ ٽيم کي برتري ڏياري جڏهن رونالڊو ٻئي هاف ۾ گول ڪري فتح کي يقيني بڻايو.
واضح رهي ته سعودي سپر ڪپ جي فائنل ۾ رونالڊو جي ٽيم روايتي مخالف الهلال ڪلب سان مهاڏو اٽڪائيندي.
You might also like