اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته جنرل ريٽائرڊ فيض حميد جي قدمن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خواهش شامل هئي.
صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُالله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي انهن سڀني کي ليڊ ڪري رهيو هو، هي سڀ اهي ماڻهو آهن جن ڏڦيڙي ٽولي سان گڏجي ملڪ کي نقصان پهچايو، شاهديون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، لڳي ٿو ته وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون.
هن چيو ته جن ماڻهن ملڪ کي عدم استحڪام ڏانهن کڻي وڃڻ جون ڪوششون ڪيون، اهي سڀ پڪڙ ۾ ايندا، ملڪي سلامتي کي داءَ تي لڳائڻ جي اجازت ڪنهن کي نٿي ڏئي سگهجي، ثبوتن مان خبر پوي ٿي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي به پيغام پهچائي رهيو هو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جلد وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ اعلان ڪندو.
You might also like