اختلافن جون خبرون، بابر، رضوان ۽ شاهين جون تصويرون وائرل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي مختلف فارميٽس ۾ ڪپتاني ۽ ٽيم ۾ اختلافن جي خبرن دوران بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات کان اڳ پريڪٽس سيشن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) طرفان جاري ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قومي رانديگر خاص طور بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي پريڪٽس سيشن دوران هڪٻئي سان ڀوڳ مذاق ڪري رهيا آهن.
قومي ٽيم اڄڪلهه راولپنڊي ۾ بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ پريڪٽس سيشن ۾ رُڌل آهي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ خبرون سامهون آيون هيون ته قومي ٽيم جي رانديگرن، بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي ۾ سخت اختلاف آهن، جنهن سبب ٽيم جو نقصان ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.