اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال منڪي پاڪس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو.
صحت واري وفاقي وزارت جي اختيارين موجب منڪي پاڪس جو ڪيس خيبر پختونخواهه ۾ سامهون آيو آهي.
صحت جي عالمي اداري گذريل ڏينهن منڪي پاڪس کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏنو هو.
اختيارين موجب 3 آگسٽ تي سعودي عرب مان موٽندڙ شخص ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي آهي، متاثر شخص جو واسطو دير سان آهي، جيڪو مردان ۾ رهي ٿو.
اختيارين ٻڌايو ته اهو پاڪستان ۾ هن سال منڪي پاڪس جو پهريون ڪيس آهن، گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا 11 ڪيس سامهون آيا آهن.
اختيارين چيو ته متاثر شخص جي ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ ڪري رهيا آهيون ۽ وڌيڪ ماڻهن جا نمونا حاصل ڪيا پيا وڃن.
You might also like