ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته چوماسي هوائون 16 آگسٽ کان سنڌ ۾ داخل ٿينديون.
سردار سرفراز موجب، شهر ۾ 17 کان 19 آگسٽ دوران برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ گهڻي قدر وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ سنڌ جي راڄڌاني جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي خميس جي صبح شهر جي مختلف علائقن ۾ بوندا باندي ٿي، جڏهن ته موسميات کاتي شهر ۾ 16 کان 19 آگسٽ تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
You might also like