ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها جي مڙس ۽ اداڪار ظهير اقبال چيو آهي ته سندس شادي جو سڀ کان خوبصورت لمحو” ڪنيادان “ مهل اذان جو اچڻ هو.
سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال 23 جون تي ممبئي ۾ اداڪارا جي گهر ۾ ڪوٺايل سادي تقريب شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا جنهن ۾ جوڙي جي ويجهن مٽن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي هئي.
ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران ظهير اقبال پنهنجي شادي جي يادگار لمحن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته شادي واري ڏينهن ڪنيادان ۾ 15 دير ٿي.
دير جو سبب ٻڌائيندي ظهير اقبال چيو ته ڪنيادان وقت جيئن ئي مون سوناڪشي سنها جو هٿ پڪڙيو ۽ پنڊت منتر پڙهڻ شروع ڪيا ڪنهن چيوته اذان ٿي رهي آهي انڪري ڪنيادان روڪيو ويو.
ظهير اقبال موجب، پندرنهن منٽن دوران ۽ ڪنيادان وقت اذان جي آواز سبب ائين محسوس ٿيو ڄڻ قدرت به اِهو ئي چاهي ٿي، اِهو مون لاءِ شادي جو سڀ کان خوبصورت لمحو هو.
ياد رهي ته سوناڪشي سنها جي مسلمان دوست ظهير اقبال سان شادي جي اعلان تي هندو انتهاپسندن گوڙ شروع ڪيو هو ۽ سنها خاندان ۾ اختلافن جون خبرون به سامهون آيون هيون.
You might also like