ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ قائداعظم هائوس ۾ جشن آزادي جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو تھ پاڪستاني قوم آزادي جو ڏهاڙو پوري جوش ۽ جذبي سان عيد جيان ملهائي ٿي، هن چيو ته مختلف مذهب پاڪستان جو حسن ۽ گلدستو آهن، گلدستي ۾ گل آهن جن کي پاڪستان سڏيو ويندو آهي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان جو ملڪ طاقتور ۽ مضبوط آهي، اسان کي دنيا اڳيان اھو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اسان سڀ متحد آهيون، اسان کي پنهنجا اختلاف، رنجشون ۽ سڀ فاصلا ختم ڪرڻ گهرجن ۽ نفرت کي دفن ڪيو وڃي. هن چيو ته اڄ اسان اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته سڀ گڏجي هن ملڪ جي خدمت ڪنداسين ۽ پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين ۽ ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني مسئلن مان ڪڍي ڇڏينداسين.تقريب ۾ پاڪستان جي 77 هين يوم آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه سميت مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين اھم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه معزز مهمانن جي آجيان ڪندي چيو تھ خاص ٻار هن تقريب جا خاص مهمان آهن ۽ اسان انهن جا شڪرگذار آهيون، جو انھن ھتي شرڪت ڪري ملڪ جي آزادي وارين خوشين ۾ حصو ورتو