عمران خان جي سهولتڪاري جو الزام، اڊيالا جيل جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ گرفتار

اسلام آباد(م ڊ) سڪيورٽي ادارن عمران خان جي سهولتڪاري جي الزام ۾ اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي حراست  ۾ ورتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم تي پي ٽي آءِ باني جي سهولتڪاري جو الزام آهي ۽ کيس اختيار جو غلط استعمال ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي ادارن پاران ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کان جاچ جاري آهي، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ تي پي ٽي آءِ جي باني کي ڳجهي طور تي پيغام موڪلڻ جو به الزام آهي.ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن پاران آءِ جي جيل پنجاب کي آگاهه ڪيو ويو، جاچ کانپوءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم خلاف به کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل محمد اڪرم کي عهدي تان هٽايو ويو هو.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان هن وقت راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي.  ٻئي پاسي سيڪيورٽي ادارن اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ بلال کان جاچ مڪمل ڪري ورتي،هن جي موبائل فون جي ڊيٽا جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو،ذريعن موجب محمد اڪرم ۽ بلال عمران خان جي سيل تائين پهچ رکندا هئا ٻنهي آفيسرن تي عمران خان کي موبائل پهچائڻ جو الزام به آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.