ڪارونجهر تي سياحن جو سمنڊ اُٿلي پيو، ”ڪارونجهر بچايو“ نعرن جي گُونج

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) جشن آزادي جي موقعي تي ڪارونجهر تي سياحن جو سُمنڊ اُٿلي پيو، صرف ٽن ڏينهن ۾ لکن جي تعداد ۾ سياح ڪارونجهر گهمڻ لاءِ پهتا آهن، جنهن سبب ٿر جا روڊ رستا گاڏين جي قطارن سان ڀريل رهيا، نئين ڪوٽ کان مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ننگرپارڪر تائين روڊن تي ٻنهي پاسن کان  گاڏيون نظر اينديون، جڏهن ته سياحن جي وڏي تعداد ۾ آمد سبب ڏانوڌانڌل کان ويراواھ چيڪ پوسٽ تائين گاڏين جون قطارون لڳل رهيون، رش وڌي وڃڻ سبب ننگرپارڪر شهر مڪمل طور تي بلاڪ رهيو، ننڍين وڏين گاڏين جي رش سبب روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاٿل رهيون، ڪارونجهر سميت ڀوڏيسر جي مسجد، گوڙي مندر، ساڙڌڙي، انچليسر، چوڙيو ۽ مارئي جي کوھ سميت ننگرپارڪر جي قديمي ماڳن ۽ مٺي شهر جي گڍي ڀِٽ تي سياحن جا ميلا متل آهن، سياح سيوو دي ڪارونجهر جا زوردار نعرا هڻندي نظر ايندا، سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ جي خاص هدايتن باوجود انتظاميا سياحن جي سهوليتن لاءِ اُپاءُ نه ورتا آهن، سياحن جو چوڻ هو ته سياحت ۽ ثقافت کاتي سياحن جي سهوليت لاءِ ڪي به سهولتون فراهم نه ڪيون آهن، روپلو گيسٽ هائوس ٺاهي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي،

ٿر گھمڻ ايندڙ سياحن کي سھولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت

مٺي: سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ڪمشنر ميرپورخاص کي فون ڪري هدايت ڪئي آهي ته ٿر  گھمڻ ايندڙ سياحن کي مڪمل سيڪيورٽي ۽ سھولتن سميت ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ علاج جي سھولتن کي يقيني بڻايو وڃي، صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ چيو آهي ته سنڌ سميت پوري ملڪ مان سياح وڏي انگ ۾ ٿر پھچن پيا،انھن جي لاءِ حفاظتي انتظام ڪيا وڃن، ٿر ۾ اڄ به رش ھوندي، امڪاني حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمبولينسز اسٽينڊ باءِ رکيون وڃن، ٿرپارڪر سڄو سياحت جو مرڪز آھي، مٺي ، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلي ۽ ڇاڇري جي اسپتالن ۾ دوائن ۽ عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، ٿر ايندڙ سياحن کي بھتر ماحول فراھم ڪري سياحت کي ھٿي وٺرائڻي آھي، صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن کي پڻ ضلعي انتظاميا سان رابطي ۾ رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي.

ڪارونجهر سميت قديمي ماڳن تي سهولتن جي کوٽ، سياحن کي  ڏکيائيون

مٺي: ڪارونجهر سميت قديمي ماڳن تي سهولتن جي کوٽ سبب سياح ڏکيائين کي مُنهن ڏيڻ تي مجبور آهن،کاڌي پيتي جي شين خاص ڪري پيئڻ جو پاڻي جي ڪري ماڻهو پريشان نظر  آيا، رهائش جون به ڪي سهولتون نه هجڻ ڪري فيملين سان پهتل ماڻهن پريشاني کي مُنهن ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.