ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي فاسٽ بالر مورني مورڪل کي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري جئه شاهه مورني مورڪل جي بالنگ ڪوچ مقرريءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
جئه شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته مورني مورڪل کي ڀارتي مينز ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ مورني مورڪل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ طور به ذميوارين انجام ڏئي چڪو آهي.
بي سي سي آءِ طرفان راهول ڊريوڊ جي ڪوچنگ جو مدو ختم ٿيندي ئي ڀارتي ٽيم جي نئين ڪوچنگ اسٽاف جي مقرري ڪندي گوتم گمڀير هيڊ ڪوچ بڻايو ويو هو.
مورني مورڪل آءِ پي ايل ۾ گوتم گمڀير سان گڏ لکنئو سپر جائنٽس جي ڪوچنگ اسٽاف جو حصو رهي چڪو آهي، اِهو ئي سبب آهي جو ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ لاءِ به گوتم اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر کي ذميواريون سونپڻ چاهي پيو.
ياد رهي ته مورني مورڪل 86 ٽيسٽ، 117 ون ڊي ميچن ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
You might also like