عوام جو عدم اعتماد، جاپاني وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايندڙ مهيني عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.
هن چيو ته عوام جي اعتماد بنا سياست نٿي هلي سگهي، سياسي سڌارا اڳتي وڌائڻ جي عزم سان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو عوام لاءِ ڪيو.
سندس چوڻ هو ته لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ليڊر طور ٻيهر چونڊ نه وڙهندس.
پرڏيهي ميڊيا موجب فوميو ڪشيدا عوام جي عدم اعتماد، سياسي تڪرارن ۽ عام واهپي جي شين جي وڌندڙ اگهن سبب استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.