سينٽرل بئنڪ آف انڊيا راجپال ياديو جي ملڪيت ضبط ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار راج پال ياديو جي ملڪيت قرض ادا نه ڪرڻ تي ضبط ڪئي وئي آهي.
ڏيڍ سئو کان مٿي بالي ووڊ فلمن اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي راجپال ياديو هڪ ڀيرو وري وڏي مشڪل ۾ ڦاسي پيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اتر پرديش جي شاهجهان پور ۾ اداڪار راج پال ياديو جي ڪروڙين ماليت جي ملڪيت سينٽرل بئنڪ آف انڊيا قرض ادا نه ڪرڻ تي ضبط ڪري ورتي آهي.
رپورٽس موجب، اداڪار بئنڪ کان 3 ڪروڙ رپين جو قرض ورتو هو ۽ پنهنجي پيءَ جي شاهجهان پور واري ملڪيت ضمانت طور رکي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، راج پال ياديو سينٽرل بئنڪ آف انڊيا جي ممبئي شاخ کان قرض ورتو هو ۽ وقت سر قرض ادا نه ڪرڻ سبب اِها رقم وڌي 11 ڪروڙ ڀارتي رپيا ٿي وئي آهي.
اِهو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن اداڪار کي قرض ادا نه ڪرڻ سبب قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان کان اڳ راجپال ياديو کي پنهنجي پهرين فلم ” اتا پتا لاپتا“ لاءِ ورتو قرض ادا نه ڪرڻ تي جيل موڪليو ويو.
ان کانسواءِ هڪ دفعي شوٽنگ دوران شاگردن کي اسڪوٽر هڻڻ جي الزام هيٺ سندس خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته راجپال ياديو، ڀول ڀليا، ڍول، ڦر هيرا ڦيري، دي ڌنا ڌن، ڇپ ڇپ ڪي، ڀاگم ڀاگ سميت ڪيئي بلاڪ بسٽر مزاحيه ڪردار ادا ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.