گوگل جيمنائي اي آءِ ماڊل کي سمارٽ فونز جو حصو بڻائي ڇڏيو

ڪئليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) گوگل طرفان هڪ ايونٽ دوران پڪسل سمارٽ فونز، ائيربڊز ۽ سمارٽ گهڙيون متعارف ڪرايون ويون آهن.
پر ميڊ باءِ گوگل نالي ايونٽ ۾ اصل ميدان جيمنائي اي آءِ ماڊل ماري ورتو ۽ تقريب دوران ڪمپني طرفان ڪيئي نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
گوگل طرفان اعلانيل ڪجهه خاص فيچرز جيڪي تمام جلد اينڊرائيڊ سمارٽ فون واهپيدارن کي دستياب هوندا.
جيمنائي لائيو
گوگل طرفان اعلانيل فيچرز ۾ سڀ کان اهم فيچر جيمنائي لائيو آهي، اِهو حقيقت ۾ سمارٽ فونز ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس(اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل اسسٽنٽ طور ڪم ڪندو ۽ ڪافي حد تائين انسانن جيان ڪم ڪندو.
اوهان نه رڳو جيمنائي اي آءِ سان رسمي ڪمانڊز بنا ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندئو پر گفتگو دوران ئي موضوع تبديل به ڪري سگهو ٿا.
جيمنائي لائيو جي لاءِ ڏهه نوان وائس آپشنز واهپيدارن کي دستياب هوندا جڏهن ته اسپيچ انجڻ کي به بهتر بڻايو ويندو.
پڪسل اسڪرين شاٽس
هي فيچر پڪسل 9 سيريز جي سمارٽ فونز لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ان فيچر لاءِ جيمنائي نانو اي آءِ ماڊل جو استعمال ڪيو ويندو جيڪو اوهان جي تصوير کي پاڻمرادو سرچ ايبل ڊيٽابيس ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.
ڪمپني طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اي آءِ ماڊل تصويرن جو تجزيو اهڙي طريقي سان ڪندو جيئن انسان ڪندا آهن.
ان کانسواءِ سرچ ايبل ڊيٽا ذريعي اوهان تصويرن ۾ مختلف شيون سولائي سان سرچ ڪري سگهندئو.
پڪسل اسٽوڊيو
پڪسل اسٽوڊيو ايپ ذريعي واهپيدار اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل تصويرون تيار ڪري سگهندا، اِهو ٽيڪسٽ ٽو اميج ٽول جيمنائي نانو کي استعمال ڪندي اوهان جي هدايتن پٽاندڙ تصويرون تيار ڪندو.
ان ايپ ۾ موجود مينيو سان اوهان تصويرن جي اسٽائل کي به تبديل ڪري سگهندئو، ها پر ان کان انساني چهرا ٺهرائڻ ممڪن نه هوندو.
ايڊمي
هي اي آءِ فيچر گروپ تصويرون تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، ان لاءِ اوهان ڪنهن به فرد جي الڳ تصوير کي سولائي سان گروپ جو حصو بڻائي سگهو ٿا، سولن لفظن ۾ اِهو فيچر ٻن تصويرن کي هڪ تصوير ۾ بدلائي ڇڏيندو .
پڪسل ويدر
جيمنائي اي آءِ ماڊل ذريعي اوهان کي پنهنجي شهر جي موسم بابت ڄاڻي سگهندئو، جيمنائي ويدر ۾ ڪيئي اي آءِ ٽولز واهپيدارن کي دستياب هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.