پاڪستان جي 77 هين يومِ آزادي جي موقعي تي سرچ انجڻ گوگل به پاڪستانين جي خوشين ۾ شامل ٿي ويو آهي.
گوگل اڪثر اهم ڏينهن ۽ اهم شخصيتن جي سالگرهه يا وڇوڙي جي مناسبت سان کين ڀيٽا پيش ڪندي پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪندو رهندو.
پاڪستان جي آزدي جي ڏهاڙي جي موقعي تي گوگل به پاڪستان جي رنگ ۾ رڱجي ويو آهي، گوگل طرفان پنهنجي ڊوڊل ۾ سبز هلالي پرچم سميت پاڪستان جو مشهور انب ۽ ٽرڪ آرٽ کي نمايان انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
جڏهن به ڪو واهپيدارن سرچ انجڻ جو استعمال ڪرڻ لاءِ گوگل کوليندو ته کيس اِهو ڊوڊل نظر ايندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ هن وقت انب جي سيزن جاري آهي ۽ سموري دنيا ۾ پاڪستاني انبن کي خاص اهميت حاصل آهي جڏهن ته پاڪستان جي ٽرڪ آرٽ بين القوامي سطح تي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like