فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا به جشنِ آزادي جي رنگن ۾ رڱجي وئي آهي، فيفا طرفان پاڪستان کي 77 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي منفرد انداز ۾ مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 77هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
آزادي جي ڏهاڙي جي شروعات وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21- 21 توپن جي سلامي سان ٿي ، ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.
سڄي دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ تنظيمن جيان گوگل به پنهنجي روايتي انداز ۾ ڊوڊل تبديل ڪري پاڪستان کي آزادي جي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون جڏهن ته فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا طرفان به پاڪستان کي انوکي انداز ۾ يومِ آزادي جي مبارڪباد پيش ڪئي وئي.
فيفا جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پاڪستان جي عورتن ۽ مرد فٽبال رانديگرن جي تصوير شيئر ڪندي اردوءَ ۾ مبارڪباد ڏني ۽ لکيو ته ” 77 سالا آزادي جو جشن! پاڪستان کي يومِ آزادي مبارڪ. “
You might also like