ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قوم کي خوشخبري ملندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانسواءِ پاڪستان جي صنعت ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ جي خوشخبري ملندي.
اسلام آباد ۾ يومِ آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اقتدار جي ڇڪتاڻ، سازشون ۽ پنهنجي غلطين سبب 77 سالن جو سفر قابلِ رشڪ نه هو، اسان کي قوم طور پنهنجو احتساب ضرور ڪرڻ گهرجي، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ڇا زندگي هٿ ڊگهيري گذارڻي آهي يا ان خواب جي ساڀيان لاءِ جنهن لاءِ پاڪستان وجود ۾ آيو هو.
پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ مهانگائي آهي، بجلي جي بلن ۽ ٻين مسئلن سبب ماڻهو پريشان آهن پر جيڪڏهن ملڪ ۾ سڀ سٺو ناهي ته سڀ خراب به نه آهي.
وزيراعظم چيو ته بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي کانسواءِ ملڪي صنعت ترقي نٿي ڪري سگهي، برآمدات نٿي وڌي سگهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بجليءَ جي قيمتن ۾ لاٿ جي خوشبري ملندي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر قوم کي خطاب ڪري پنج سالا معاشي پلان پيش ڪندس.
هن وڌيڪ چيو ته دشهن هر حربو استعمال ڪري رهيو آهي ته پاڪستان اڳتي نه وڌي سگهي، اسان جي ايٽمي قوت کان اسان جو دشمن ڊنل آهي ۽ دشمن ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ڪوڙ جي بمباري شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.