لاهور(امداد سومرو) فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ اهو هُل هلي رهيو هو ته جسٽس(ر) ثاقب نثار کي به گرفتار ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ ”اداراجاتي“ اتحاد سدائين ڪم ڏيکاري ويندو آهي، ڀٽو شهيد جي ريفرنس ۾ جڏهن سپريم ڪورٽ ان عدالتي قتل تي فيصلو ڏنو هو ته انهن ججن کي سزا ڏيڻ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو هو،ضيا جي مارشل لا ۽ مشرف جي مارشل لائن جي توثيق ڪندڙ ججن جا نالا ئي رڳو سپريم ڪورٽ جي عمارت مان ڪڍيا وڃن ها، عدليه ۾ عمران خان جا حمايتي جج اڃا به موجود آهن، 9 مئي واقعا ڪرائيندڙ (عمران خان)کي جڏهن مرسيڊيز ڪار ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو پئي ويو ته ان وقت جي چيف جسٽس(عمر عطا بنديال) رمارڪس ڏنا ته گڊ ٽو سي يو(توهان کي ڏسي خوشي ٿي)عمران حامي اڳوڻن ججن خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي، جسٽس مظاهر نقوي خلاف اربين رپين جو پلاٽ ڦٻائڻ تي ميان دائود سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ،جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس ثاقب نثار خلاف به انڪوائري ٿيڻ واري آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو