لاهور(مزمل سهروردي)جنرل فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ سڪتي ۾ اچي وئي آهي، سمورين سياسي جماعتن کي نانگ سونگهي ويو آهي، رڳو ن ليگ جشن ملهائي رهي آهي ۽پوائنٽ اسڪورنگ ڪري ڪجهه ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، باقي ايم ڪيو ايم، پ پ ،جي يو آءِ،اي اين پي سميت سموريون وڏيون پارٽيون خاموش آهن، انهن جي راءِ آهي ته اهو فوج جو اندريون معاملو آهي، فيصل واوڊا ۽ ٻيا صحافي آپريشن ڪلين اپ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنرل فيض جي گرفتاري جو معاملو اڃا وڌندو، عاصم منير جنرل فيض سان ڪا به دشمني نه پيو ڪڍي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو