اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته فيض حميد جي گرفتاري جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فيض حميد جي ڊڪٽيشن کان تنگ اچي ويا هئا،هڪ سينئر اڳواڻ جيل ۾ عمران خان کي وڃي شڪايت ڪئي ته فيض حميد ڪهڙي چڪر ۾ اسان کي هدايتون ڏئي رهيو آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ پارٽي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي چار اڳواڻن جڏهن غورويچار ڪيو ته فيض حميد انهن سڀني سان رابطن ۾ هو ۽ مٿن انڪشاف ٿيو ته هو پنهنجا ذاتي مقصد پورا ڪري رهيو هو،پارٽي کي سياسي طور نقصان پهچي رهيو هو جنهن بعد پارٽي اڳواڻن هن سان رابطا ختم ڪري ڇڏيا،هن چيو ته فيض حميد جي گرفتاري جو فوج جو اميج به وڌندو .9 مئي جي واقعي ۾ پي ٽي آءِ کي فيض حميد ئي مس گائيڊ ڪيو، فوج جي ڪجهه آفيسرن کي به هو گمراهه ڪري رهيو هو،هو پي ٽي آءِ اڳواڻن کي چوندو هو ته توهان فوج جي فلاڻي آفيسر جو نالو کڻي تنقيد ڪريو،فيض حميد نوازشريف ۽ شهبازشريف سان رابطا ڪري آرمي چيف بڻجڻ لاءِ لابنگ ڪئي،شهباز ڪابينا جي هڪ سينئر وزير وزيراعظم کي چيو ته فيض حميد سان هڪ ملاقات ڪري وٺو،فوج ۾ بغاوت جو اصل سرغنه فيض حميد ئي هو،ٽاپ سٽي واري معاملي تي ڪارروائي رڳو فيض حميد خلاف نه جنرل باجوا خلاف به ٿيڻ گهرجي، ملٽري انٽيليجنس کي ته سڄي معاملي جي خبر هئي، جنرل باجوا ۽ جنرل فيض پاڪ فوج کي جيترو نقصان پهچايو ايترو اڳ ۾ ڪنهن به نه پهچايو،ٻئي هڪ ٻئي کي ڊبل ڪراس ڪري اداري کي به دوکو پهچائي رهيو هو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو