اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 47 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 7 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف عوام کي جشن آزادي جو تحفو ڏيندي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 47 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 269.43 رپيا مان گهٽجي 260.96 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 6.7 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 272.77 کان گهٽجي 266.07 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. ياد رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گذريل 15 ڏينهن دوران 3 ڊالر في بيرل کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.