”ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي چوري ان جي جوهري مواد جي حفاظت جي قدمن تي سواليا نشان آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت ۾ تابڪاري مواد سان گڏ گينگ جي گرفتاري جي معاملي تي ردعمل ڏيندي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي چوري تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڀارت ۾ جوهري ۽ ٻئي تابڪاري مواد جي چوري جي مسلسل واقعن تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي غير قانوني وڪري جي واقعن تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ گروهه جي قبضي مان انتهائي تابڪاري ۽ زهريلو مادو ڪيليفورنيم هٿ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ان انتهائي تابڪار ۽ زهريلي ڪيليفورنيم جي ماليت 100 ميلن ڊالر آهي، 2021 ۾ به ڀارت ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 واقعا رپورٽ ٿيا هئا.
سندس چوڻ هو ته اهي واقعا ڀارت جي جوهري مواد جي حفاظت جي قدمن تي سواليا نشان آهن ۽ ڀارت ۾ حساس مواد جي بليڪ مارڪيٽنگ جي وجود جي نشاندهي ڪن ٿا، ڀارت ۾ حساس مواد جو معمول موجب غلط هٿن ۾ وڃڻ خطرناڪ آهي، پاڪستان اهڙن واقعن جي جاچ ۽ مناسب قدمن جو مطالبو ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.