آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۽ اسرائيل سميت وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ زلزلي جي شدت 4.4 نوٽ ڪئي وئي، زلزلي سان شهر جو ڀر وارو علائقو ايل سرينو لُڏي ويو.
ميڊيا موجب زلزلي جا لوڏا ڪيليفورنيا جي ڏکڻ علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا پر ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
جيو سائنسز بابت ايسٽ جرمن ريسرچ سينٽر موجب اردن ۽ شام ۾ زلزلي جي شدت 5.5 نوٽ ڪئي وئي، جڏهن ته اسرائيل ۾ زلزلي جي شدت 5.2 هئي.
Next Post
You might also like