ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ کلاڙي اڪشي ڪمار پنهنجي موبائيل فون جا پيغام پنهنجي گهرواري ۽ اڳوڻي اداڪارا ٽوئنڪل کنا کي پڙهائڻ بابت دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.
اڪشي ڪمار جي ايندڙ فلم ” کيل کيل ۾“ مبينا طور 2016 ۾ رليز ٿيندڙ اطالوي ڪاميڊي ڊراما پرفيڪٽ اسٽرينجر جو ري ميڪ آهي، فلم جي ڪهاڻي ستن دوستن جي چوڌاري ڦري ٿي جن جا ڪجهه گهرا راز ۽ ڪوڙ ان وقت سامهون اچن ٿا جڏهن ته هو پنهنجي فون تي گيم کيڏڻ جو فيصلن ڪن ٿا.
ان کانپوءِ اِها راند سندن گهرو زندگي ۽ دوستي جي خاتمي جو سبب بڻجي ٿي.
ان ڏس ۾ اداڪار اڪشي ڪمار مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ٽوئنڪل سندس موبائيل فون چيڪ ڪري ۽ نجي پيغام پڙهي ته مون کي ڪو ڊپ نه ٿيندو.
اداڪار چيو ته شوٽنگ وقت سندس فون عملي وٽ هوندو آهي، گهر۾ هِتي هُتي پيو هوندو آهي، مون وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.
واضح رهي ته فلم ” کيل کيل ۾ “ اڪشي ڪمار سان گڏ اداڪارا واني ڪپور، تاپسي پنو، فردين خان، ايمر ورڪ مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا.
Next Post
You might also like