ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن جڳ مشهور ڀارتي گيم شو ” ڪون بني گا ڪروڙ پتي “ جي سيٽ تي جذباتي ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 81 ورهين جو ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن ڪون بني گا ڪروڙ پتي جي 16 هين سيزن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ شو هلندڙ هفتي شروع ٿيو آهي.
گيم شو ۾ واپسي وقت هو ڏاڍو جذباتي ٿي ويو، ڀارتي ٽي وي چئنل طرفان جاري ڪيل پرومو ۾ هن ناظرين ۽ شو ۾ حصو وٺندڙ کي ڀليڪار ڪندي دل ڇُهندڙ تقرير ڪئي.
اميتاڀ بچن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته وٽس لفظ نه جنهن ذريعي اوهان جي محبت ۽ صلاحيتن جا ٿورا مڃي سگهان ، نئون سيزن شروع ٿي رهيو آهي.
جيئن ئي شو جي عملي سندس لاءِ اُٿي بيهي تاڙيون وڄايون ته اميتاڀ بچن جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ هن چيو ته مان اوهان شڪريو ادا نه ٿو ڪري سگهان ڇو ته اوهان جي دعائن ئي ڪون بني گا ڪروڙ پتي کي هن منزل تائين پهچايو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان هن ملڪ جي عوام کي شو کي نئين زندگي ڏيڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو ڇو ته هي شو انهن جي ڪري ئي ڪامياب بڻيو.
You might also like