پراجيڪٽ عمران: جنرل(ر) باجوا خلاف به ڪارروائي ٿيندي؟

لاهور(امداد سومرو)جنرل فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ ڇا پراجيڪٽ عمران جا ٻيا ڪردار(فوجي شخصيتون) گرفتار ٿيندا؟ فيض حميد جو رڳو ٽاپ سٽي اسڪينڊل ۾ ملوث وارو اڪيلو ڏوهه ناهي، هن جي ڏوهن جي لسٽ وڏي آهي،هڪ نجي ڪچهري ۾ فيض حميد اها ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن منهنجو ڪورٽ مارشل ٿيو ته جنرل قمر جاويد باجوا به نه بچندو،ڇو ته مان جيڪو ڪجهه به ڪيو هن جي حڪمن تي ئي ڪيو هو،جنرل باجوا خلاف ثبوت فراهم ڪندس، ماضي ۾ اڳوڻي آمر جنرل مشرف خلاف غداري جو ڪيس هلي رهيو هو ته فوج هن کي بچائڻ لاءِ وڏي مزاحمت ڪئي، جنرل راحيل شريف ۽ جنرل باجوا ماضي ۾ چئي چڪا آهن ته فوج هڪ فيملي آهي، فوج پنهنجي رٽائرڊ جنرلن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي،فيض حميد پنهنجي وقت جو فرعون هو،عمران خان ۽ فيض حميد فيض آباد ڌرڻي ڪيس کي بنياد بڻائي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرايو، موجوده آرمي چيف جي مقرري روڪڻ لاءِ سازش ڪئي وئي، فيض حميد 9 مئي واقعن ۾ به ملوث نڪتو،پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن فيض حميد خلاف ثبوت ادارن حوالي ڪري ڇڏيا،جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد ملڪ خلاف وڏيون سازشون ڪيون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 13 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.