دادو(رپورٽ غوث جهتيال) دادو ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي تان ڌرين جا عورت سميت 4 ماڻهو قتل ٿي ويا جڏهن ته 3 ڄڻن کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 12 کان وڌيڪ ڍور به مري ويا آهن. ڪچي واري علائقي يوسي موندر ۾ آباد شاهاڻي برادري جي 2 ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مظهر شاهاڻي، شوڪت شاهاڻي، محمد نواز شاهاڻي عورت عزت خاتون مارجي ويا. شاهاڻي برادري جي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ بعد پوليس به فائرنگ ۾ وڃڻ کان لنوائڻ لڳي. ٻئي طرف ايس ايس پي (ر) ڪئيپٽن امير سعود مگسي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته تڪراري ڌرين جي جهيڙي ۾ پوليس جي وڏي نفري پهتل آهي جنهن ڪري ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ تي ضابطو اچي ويو آهي، مقتولن جي تدفين به پوليس جي پهري هيٺ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن خوف ۾ موندر شهر مڪمل بند ٿي ويو آهي، تڪراري ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ اطلاع آهن ته چوپايو مال جو پڻ نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ ڀلي نسل جون مينهون، ٻڪريون پڻ گولين جو کاڄ بڻجڻ ڪري موقعي تي 12 کان وڌيڪ ڍور مري ويا آهن، موندر يونين ڪائونسل ميدان جنگ بڻجي ويو آهي. ذريعن موجب، پوليس اهلڪار پڻ محفوظ هنڌن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي، گذريل 24 ڪلاڪن کان علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي، علائقي واسي پنهنجن گهرن تائين محدودو ٿي ويا آهن.