عدالتي فيصلن جي ساک جو سوال \ٽن هندو خاندانن جي لڏپلاڻ کي اسان سنڌ جو وڏو نقصان سمجهون ٿا

اها صورت حال ملڪي عدالتن لاءِ  يقينن ڳڻتي جوڳي آهي ته  ان جا فيصلا جنهن سياسي ڌر  جي حق ۾ ويندا آهن  سا  ڌر  ان کي انصاف  پٽاندڙ فيصلو  قرار  ڏيندي آهي ۽ جنهن سياسي ڌر  جي مخالفت  ۾ فيصلو ايندو  آهي  سا ان کي  ناانصافي تي ٻڌل   فيصلو قرار ڏيندي آهي گذريل 20 سالن ۾ اهڙو  لاڙو  تمام گهڻو  وڌي ويو آهي   ويجهڙ ئي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ  جي فيصلي کي حڪمران جماعتن  مسلم ليگ  (ن ) ۽ پ پ توڙي اليڪشن ڪميشن جي  اداري تڪراري ڄاڻايو آهي  ۽ ان کي چيلينج ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف وري سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪئي پر ڪالهه وري ساڳي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي شديد اعتراض اٿاريو آهي سو تحريڪ انصاف  هجي يا مسلم ليگ (ن) هجي سندن حق ۾ايندڙ فيصلن کي خوشيءَ مان قبول ڪن ٿا  ۽ ساڳي عدالت  جي مخالف  فيصلن کي وري سياسي فيصلو  قرار  ڏيندي عدالتن ۽ ججن تي  الزام  به لڳائيندا آهن .

هاڻي سوال اهو  ٿو پيدا ٿئي ته  عدالتن  تي ان قسم جو   بي اعتمادي  وارو  هي لاڙو  ڇو  موجود  آهي ۽  ڇو  لاڳيتو  وڌنڌو پيو   وڃي ۽ ڇا عدالتن  تي اهو  بي اعتمادي وارو لاڙو  عدالتن لاءِ ڳڻتي جوڳو ناهي  ايئن ڇو ناهي ته عدالتن  جي فيصلن کي نه مڃڻ جي ڪا گنجائش ئي  نه هجي اصل ۾ ان بي اعتمادي جون ذميوار  پاڻ عدالتون آهن  جن پنهنجي ساک قائم نه ڪئي آهي ۽ نظريهءِ  ضرورت  وارن  فيصلن جي سڃاڻپ ٺاهي آهي  ملڪي عدالتن تي بي  اعتمادي  جي اها فضا  هر  دور جي مارشل لا ئي حڪومتن قائم ڪرائي آهي جن پنهنجين غير آئيني مارشل لائي حڪومتن ۽ ايمرجنسي  کي نظريه ضرورت طور آئيني ۽ قانوني تحفظ  پئي ڏياريو آهي جنهن جو سبب عدالتن جي ساک کي تمام  گهڻو ڇيهو  رسيو آهي .

انهيءَ  حوالي سان اهو بلڪل به چئي سگهجي ٿو ته ملڪي عدالتن کي اهڙن سربراهن جي ضرورت آهي  جيڪي نظريه ضرورت وارن فيصلن کي دفن ڪري عدالتن  جي ڪردار کي نئون جنم ڏين ۽ عدالتن  جي اهڙي ساک قائم ڪن جو   ان جي فيصلن کي نه مڃڻ  جو تصور ئي نه  هجي. ملڪ  کي اهڙين انصاف پٽاندڙ ۽ هر  قيمت تي ميرٽ  تي فيصلا  ٻڌائڻ وارين عدالتن  جي ضرورت آهي. اهڙيون عدالتون  تڏهن ئي قائم  ٿي سگهن ٿيون جڏهن  اهي آزاد هجن  يعني حڪومت جي ماتحت نه هجن  ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت لاءِ  همدردي رکنديون هجن ڇا ڪا اهڙي جرئت مند حڪومت يا سپريم ڪورٽ جو سربراهه اچي سگهي ٿو  جيڪو  عدالتن کي آزاد ڪري ۽ نج آئيني قانوني انصاف ڀريا فيصلا   ٻڌائڻ واريون عدالتون قائم ڪري.

اسان سڀ ملڪي ۽ حڪومتي نظام خلاف ڳالهائيندارهيا آهيون  پر اهو ڪڏهن ناهي سوچيو ته جنهن ملڪ جو عدالتي نظام ئي انصاف جوڳا، ميرٽ  تي ۽ خالص آئيني قانوني فيصلا  نه  ٻڌائندو ته  پوءِ  ملڪ اندر ڪيئن آئين، قانون ۽ انصاف  جي بالادستي هوندي. عدالتي نظام تي ئي آڱريون  کڄنديون ته پوءِ  ملڪ ڪيئن  سنئين دڳ هلندو تنهن ڪري  ضرورت ان ڳالهه جي آهي  ته پهرين فرصت ۾ ملڪ جي عدالتي نظام کي صاف  شفاف  بڻايو وڃي ته جيئن ان اداري  ڏانهن آڱريون کڻڻ  جي ڪا گنجائش ئي نه رهي  ان صورت  ۾ئي ملڪ مضبوط  به ٿي سگهي ٿو، تر قي به ڪري سگهي ٿو سو رياست ۽  حڪومت  کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

عوامي آواز خان پور مهر جي نمائندي انتهائي افسوس جوڳي رپورٽ ڏني آهي ته خان پور مهر جا ٽي هندو خاندان پنهنجي جنم ڀومي کي الوداع ڪري هميشه لاءِ ڀارت روانا ٿي ويا آهن. خان پور مهر واسي ڪرشن لال، رنجيت ڪمار، ۽ نرنجن لال جا خاندان پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي ويا آهن جنهن کي اسان هڪ الميو سمجهون ٿا.

تاريخ طور تي ڏسجي جنهن جو ذڪر اڪثر امر جليل صاحب ڪندو رهندو آهي ته اصل سنڌ اها هئي جيڪا ورهاڱي کان اڳ هئي. جڏهن سنڌ ۾ هندن جي آبادي گهڻي هئي. اهي هندو جيئن ته اڪثريتي  طور تي ڪاروباري هئا تنهن ڪري سنڌ معاشي طور تي تمام گهڻي سگهاري هئي پر جيئن جيئن ورهاڱي کان پوءِ هندو پنهنجي جنم ڀومي کي ڇڏڻ لڳا ۽ انهن جي جڳهه تي ڌاري آبادي ايندي وئي ۽ وڌڻ لڳي ته تيئن تيئن سنڌ جي اصلوڪي شڪل به تبديل ٿيندي رهي. اهي سڀ هندو هڪ ته ورهاڱي سبب ڀارت لڏڻ تي مجبور ٿيا ٻيو وري ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي جي بنياد تي هندن کي هتان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جنهن تي ادب ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ تاريخ ۾ داستان ڀريا پيا آهن.

هاڻي وري جيڪي هندو لڏڻ تي مجبور ٿين ٿا سي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي آزار کان پنهنجي جنم ڀومي ڇڏين ٿا يعني انتهائي مجبوري جي حالت ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي، ماتم ڪندي سنڌ کي الوداع ڪن ٿا.  ڪنهن به ماڻهوءَ جي ان کان وڏي بد قسمتي ڪهڙي هوندي جو ان کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پوندو هجي، ماڻهن جي ته پنهنجي گهرن سان ئي جذباتي وابستگي هوندي آهي، پنهنجا گهر ئي ڇڏڻ ڏکيا هوندا آهن هي ته وطن ۽ جنم ڀومي ڇڏڻ جو معاملو آهي.

هندن جي لڏڻ جو هڪ ٻيو پاسو به ڏاڍو  حيرت جوڳو آهي سو اهو آهي ته اهي هندو عام طور تي پ پ جا ووٽر هوندا آهن، پر پ پ جي حڪومت ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۾ ته دلچسپي ڏيکاريندي آهي جيڪي ان جا ووٽر به ناهن هوندا. پر هندن کي لڏڻ کان روڪڻ ۾ پ پ ڪڏهن به غير معمولي اڳ ڀرائي نه ڪئي آهي. باوجود ان جي ته سندن لڏڻ سان پ پ جو ووٽ بينڪ به شديد متاثر ٿيندو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته اها هندن جي بد قسمتي آهي ته حڪومت به سندن اهميت ۽ ضرورت کي ناهي سمجهيو پر اسان هندن جي سنڌ مان لڏي وڃڻ کي سنڌ جو وڏو نقصان ۽ هاڃو سمجهندا آهيون. اسان جي وس ۾ هجي ته جيڪر سنڌ مان هڪ به هندو کي لڏڻ نه ڏيون اسان جو خيال آهي ته پ پ حڪومت کي به ايئن ئي سوچڻ گهجي ڇاڪاڻ ته ان ۾ خود پ پ جو به فائدو آهي پر پ پ هندو برادري کي نه روڪي ڄڻ وڻ جي اها شاخ پاڻ ئي وڍيندي هجي جنهن تي اها پاڻ ويٺل هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.