فيض حميد جي گرفتاري ڪو سخت نياپو ته ناهي؟

تحرير: حاڪم نصيراڻي

جنرل فيض حميد جي گرفتاري ڪٿي عمران خان لاءِ ڪوسخت نياپو ته ناهي؟ جنرل  ريٽائرڊ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪري کيس سزا ڏني ويندي يا اها سزا به پرويز مشرف واري سزا وانگر هوا ۾ اڏري ويندي؟ڇا فيض حميد پاڻ کي بچائيندي 9 مئي جو سڄو ملبو تحريڪ انصاف تي ته نه وجهندو؟ ڇا فيض حميد جي حمايت ۾ تحريڪ انصاف رستن تي نڪرندي؟ ڇا فيض حميد کي خان صاحب هر قانوني مدد فراهم ڪندو يا کيس پنهنجي حال تي ڇڏيو ويندو؟ ڪٿي فيض حميد سلطاني گواهه ته نه ٿيندو؟ برحال ملڪ ۾ هن وقت عجيب وايو منڊل جڙيل آھي عدالتي فيصلن کان وٺي هر قسم جي ڪاررواين جو تعلق سڌو يا اڻسڌو سياست سان ڳنڍيو پيو وڃي.

عدالت جيڪڏهن ڪو فيصلو انصاف جي بنياد تي ڪري ٿي ۽ ڪنهن ڌر کي فائدو ملي ٿو ته اها ڌر ان کي حق سچ ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو قرار ڏئي ٿي ۽ جڏهن وري ساڳي عدالت ڪو فيصلو انهن جي خلاف ڏئي ٿي ته ان ڌر کي اهو فيصلو سياسي بدلو نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو ۽ اها ساڳي ڌر وري تنقيد ڪرڻ ۾ به وسان ڪين ٿي گهٽائي. مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي مليون ته سندس نظر ۾ اهو عدالتي فيصلو انصاف تي ٻڌل هو ۽ جڏهن گجرانوالا ۽ لودهران جون ٽي سيٽون ن ليگ کي مليون  ته پي ٽي آءِ جي عدالت تي تنقيد شروع ٿي وڃي ٿي ۽ الزام لڳائڻ شروع ڪن ٿا ته حڪومت پنهنجا من پسند فيصلا وٺڻ چاهي ٿي.عدالتي فيصلن کي تسليم ڪرڻ سياسي پارٽين لاءِ تمام مشڪل ٿي پيو آھي ڇو ته عدالتن خاص طور سپريم ڪورٽ جي هر سياسي فيصلي کي تڪراري بڻايو پيو وڃي. حقيقت ۾ سپريم ڪورٽ ايڏي ته تڪراري ٿي وئي آھي جو ان جي فيصلن تي عمل ٿيڻ به ڪنهن خواب کان گهٽ ناهي.حڪومت, مخالف ڌر ايتري تائين جو اليڪشن ڪميشن به سندس فيصلا مڃڻ کان ڪن لاٽار پئي ڪري.

بهرحال ان ڳالھه کي به مڃڻ گهرجي ته انسان ڪڏهن شاه هجي ٿو ته ڪڏهن گدا، وقت جو ڦيرو به عجيب آھي ڪڏهن تخت تي ويهاري ته ڪڏهن وري تختي جي زينت بڻائي ڇڏي. ماضي ۾ اهڙو لقاءُ اڪثر ڪري سياستدانن سان ته ٿيندو رهيو آھي پر شايد هي پهريون ڀيرو آھي جو ڪنهن رٽائرڊ جنرل جو ڪورٽ مارشل شروع ٿيو هجي. اسان وٽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي کي چيف آف آرمي اسٽاف کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ طاقتور تسليم ڪيو ويندو آھي. هر جمهوري حڪومت جي به اها ڪوشش هوندي آھي ته ان عهدي تي ڪو پنهجو ماڻھو آڻجي. گذريل چئن ڏهاڪن ۾ جنرل ريٽائرڊ مرحوم حميد گل ۽ جنرل ريٽائرڊ فيض حميد کي اها عوامي شھرت ملي جيڪا ٻين ڊي جي آءِ ايس آءِ کي نه ملي سگهي. حميد گل افغان جهاد جي ڪري مشھور ٿي ويو.

فيض حميد وري عمران خان جي ڪري وڏي پذيرائي وٺي ويو. ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور رهي فوج تي حڪم هلائيندڙ ساڳيو طاقتور انسان فوجي عدالت جي رحم و ڪرم تي اچي ويو آھي. هي ساڳيو فيض حميد آھي جنهن جي ڪلهن تي عمران خان جي حڪومت جو بار هو. فيض حميد خان صاحب جي حڪومت جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ اتحادين کي گڏ ڪندو رهيو. جنهن جو اعتراف خود خان صاحب پاڻ به ڪري چڪو آھي. هي ساڳيو فيض حميد آھي جنهن سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس هاڻوڪي چيف جسٽس ۽ سندس گهرواري کي حد کان وڌيڪ پريشان ڪري رکيو نه صرف اهو پر کيس احتجاجن ۽ ڌرڻن جو ماسٽر مائينڊ به ڪوٺيو پيو وڃي. فيض حميد کي 9 مئي جي واقعي کان آجو به نه ٿو ڪيو وڃي. هي اهي الزام آھن جيڪي سندس مخالف فيض حميد تي هڻن پيا وقت ثابت ڪندو ته اهي الزام سچا آھن يا ڪوڙا.

فيض حميد جي گرفتاري هن وقت ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آھي. فيض حميد جي گرفتاري ان وقت عمل ۾ آئي جڏهن عمران خان وڏي واڪي فوج سان ڳالهيون ڪرڻ جا اعلان ڪري پيو. 9 مئي جي واقعي تي معافي گهرڻ بدران سوال پيو اٿاري. عمران خان جا مطالبا پنهنجي جاءِ تي پر منهنجي نظر ۾ فوج فيض حميد کي گرفتار ڪري خان صاحب کي سخت پيغام پهچائي ڇڏيو آھي "ته اسان 9 مئي کي وساري نه ٿا سگهون” . سڌو يا اڻسڌو فيض حميد جي گرفتاري عمران خان جي مشڪلاتن ۾ واڌارو ڪري سگهي ٿو ڇو ته موصوف خان صاحب جي هر تدبير کان واقف آھي. فيض حميد فوجي پڇا ڳاڇا ۾ جيڪڏهن ڪي انڪشاف ڪري وڌا ته اهي به سنگين هوندا جيڪي آرٽيڪل 6 جو سبب به ٿي سگهن ٿا.

تحريڪ انصاف خاص طور عمران خان جي مستقبل جو دارو مدار 9 مئي جي واقعي سان جڙيل آھي. عمران خان هن وقت تائين 9 مئي جي ذميواري قبول نه پيو ڪري پر جيڪڏهن ڪڙيون ملائيندي ملائيندي 9 مئي  جي زنجير جو ڪڙو خان صاحب جي ڳچي ۾ وڌو ويو ته خان جو بچڻ مشڪل ٿي پوندو. هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته فيض حميد جن جي ونگار وهندو رهيو جن لاءِ آسانيون پيدا ڪندو رهيو اهي ڌريون هن مشڪل جي گهڙين ۾ سندس ساٿ ڏين ٿا يا اهي پنهنجو پاڻ کي پنهنجي پگهر  ۾ ٻڏندي نظر اچن ٿا. فيض حميد جي گرفتاري ڪا معمولي ڳالھه ناهي. هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته فيض حميد تي جرح مهل ڪهڙا الزام لڳن ٿا ۽ هو انهن جو دفاع ڪئين ڪري ٿو؟

فيض حميد جي گرفتاري هن وقت ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آھي. فيض حميد جي گرفتاري ان وقت عمل ۾ آئي جڏهن عمران خان وڏي واڪي فوج سان ڳالهيون ڪرڻ جا اعلان ڪري پيو. 9 مئي جي واقعي تي معافي گهرڻ بدران سوال پيو اٿاري. عمران خان جا مطالبا پنهنجي جاءِ تي پر منهنجي نظر ۾ فوج فيض حميد کي گرفتار ڪري خان صاحب کي سخت پيغام پهچائي ڇڏيو آھي "ته اسان 9 مئي کي وساري نه ٿا سگهون” .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.