اسلام آباد (م ڊ) جولاءِ 2023 کان آگسٽ 2024 تائين ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 14 ڀيرا مهانگي ڪئي وئي ۽ واهپيدارن تي 455 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار وڌو ويو.
جولاءِ 2023 ۾ مئي جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 90 پيسا، آگسٽ ۾ جون 23 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 81 پيسا مهانگي ڪئي وئي.
اهڙي ريت سيپٽمبر ۾ جولاءِ 2023 جي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 46 پيسا ۽ آڪٽوبر ۾ آگسٽ 2023 جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 71 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي.
Prev Post
You might also like