آءِ پي پيز کي بند ڪرڻ ممڪن ناهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته انڊيپنڊنٽ پاور پروڊيوسرز کي بند ڪرڻ ممڪن ناهي.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل مطالبو ڪيو ته آءِ پي پيز معاهدا عوام سامهون رکيا وڃن ۽ گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي بلن ۾ 24 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو نظام آڻڻ چاهيون ٿا جيڪو عوام لاءِ هجي ته جيئن ملڪ هلي سگهي، مسئلو قوميت نه پر رڳو غربت آهي. قانون جي عملدار چاهيون ٿا ته جيئن سڀ هڪ قانون سان هلن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ حالتن جي ذميوار رياست آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت کي سرڪاري زمين غريب هارين کي ڏيڻ گهرجي، ڪچين آبادين کي ريگيوليٽ ڪريو ته جيئن گهر ملي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.