ملڪ ۾ تيز برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وارننگ جاري ڪئي آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ تيز برساتون، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ گليشيئر ڳرڻ سبب ٻوڏ جو خدشو آهي.
ايڊوائزري ۾ اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته موجوده موسمي صورتحال ۾ دير، سوات، ڪوهستان، استور، گلگت، اسڪردو ۾ گليشيئر ڳرڻ سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، انهن علائقن ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمر ۾ به گجگوڙ سان برساتن جو امڪان آهي.
ٻن ڏينهن دوران سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد ۾ تيز وسڪاري جو امڪان آهي.
خيبرپختونخوا ۾ عملدارن جو چوڻ آهي ته برساتون صوبي جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا خدشا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.