حڪومت جي ڏور ڪنهن ٻئي جي هٿ آهي: فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جمعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جڏهن خبر ئي نه هجي ته حڪومت ڪنهن جي آهي ته ماڻهن کي ڇا ملندو؟ سامهون ڪي ٻيا ماڻهو آهن ۽ ڏور ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ آهي.
پشاور ۾ واپاري ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ائين ملڪ ناهن هلندا، ملڪ کي سياستدان هلائيندا آهن، جمعيت زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن بابت ڳالهائي ٿي.
هن چيو ته ملڪ جي معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ جمعيت آواز اٿاريندي آهي، اسان ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.