لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يوم آزادي جي آمد آهي پر بدقسمتي سان غزا ۾ مسلمانن تي ظلمن جي ڪري اسان جون جشن جون خوشيون گهٽجي ويون آهن، سڄي دنيا اسرائيلي ظلمن تي خاموش تماشائي بڻيل آهي.
لاهور ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب شهباز شريف چيو ته ملڪ جي سڀني اقليتن جون ملڪ لاءِ بي مثال خدمتون آهن، قائد اعظم چيو هو ته پاڪستان ۾ سڀني کي آئين ۽ قانون موجب برابر حق حاصل هوندا، يوم آزادي جي آمد سان گڏوگڏ اسان اقليتن جو ڏينهن به ملهائي رهيا آهون.
هن چيو ته جنگ جو زمانو هجي يا امن جو، اقليتن سدائين ملڪ ۽ قوم جو ساٿ ڏنو، دهشتگردي جي واقعن ۾ آفيسرن ۽ جوانن جانيون قربان ڪيون، جن ۾ اقليتي سپاهي ۽ آفيسر به شامل هئا، اقليتن جي حقن لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين.
سندس چوڻ هو ته تاريخ ۾ ڪجهه ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا، جنهن سان اقليتي برادري کي تڪليف پهتي، انهن ۾ خوف پيدا ٿيو، انهن واقعن کانپوءِ حڪومت ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو.
وزيراعظم چيو ته اسرائيلي حڪومت ۽ وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي فوج سان گڏجي فلسطينين تي ظلم ڪري رهيا آهن پر دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، عالمي ادارا امن لاءِ قائم ٿيا، ٺهراءُ پاس ڪن ٿا پر ان جي ردي برابر اهميت ناهي.
You might also like