نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان فلمن ۾ نئين ٽيلينٽ کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
عامر خان فلم “لاپتا ليڊيز“ جي پروڊيوس ڪرڻ بابت ٻڌايو آهي ته هن اهو فيصلو اڀرندڙ ٽيلنٽ کي موقعپ ڏيڻ لاءِ ڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي مون کي احساس ٿي ويو آهي ته هاڻي مان هر ڪهاڻي ۾ ڪم نٿو ڪري سگهان.
ڪرن رائو جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم لاپتا ليڊيز سپريم ڪورٽ ۾ ججن، سندن خاندانن ۽ آفيسرن لاءِ اسڪريننگ ڪئي وئي هئي.
ان دوران پريس ڪانفرنس ڪندي عامر خان چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏينهن ۾ هن وٽ پنهنجي ڪيريئر بابت سوچڻ لاءِ گهڻو وقت هو.
هن چيو ته ان وقت منهنجي عمر 56 سال هئي ۽ مون سوچيو ته شايد مون کي اڃا 15 سال ڪم ڪرڻا پوندا ۽ مان 70 سالن جي عمر تائين ڪم ڪندو رهندس پر ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟
عامر خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”جڏهن مون ان بابت سوچيو ته مون فيصلو ڪيو ته گذريل سالن کان جيڪو ڪجهه سکيو آهي، ان کي ايندڙ ٽيلنٽ تائين پهچائڻو آهي، ان ڪري مون فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.