اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ پارليامينٽ جي چوٽ چڙهيل هيءَ ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ٿيندي؟

پنهنجي ملڪ اندر هونئن ته هر دور ۾ پارليامينٽ، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جو ڪردار سواليه نشان بڻيل رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ادارا آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهندي ڪم ناهن ڪندا پر هن وقت ٽنهي ادارن جو تڪرار جنهن نموني واضح ٿي آڏو  آيو آهي اهڙو ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هاڻي ٽنهي ادارن جون سر عام هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازيون ٿي رهيون آهن.

موجوده تڪرار جي اها شدت تڏهن کان ڳڻتي جوڳي صورت اختيار ڪئي آهي جڏهن کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت تي پهريون ڀيرو واضح طور اعتراض ڪندي ان جي  خلاف هڪ خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي لکيو ۽ ان کان پوءِ اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته عدالتي فيصلا اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جي متضاد به اچڻ لڳا آهن. وري سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽون جيڪي پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي تنهن به هن تڪرار کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو آهي.

هاڻي ته ٽنهي ادارن ۾ هڪٻئي جي خلاف باقاعدي بيان بازين جو به سلسلو شروع  ٿي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ چيف آف آرمي اسٽاف عاصم منير  جو علماءِ مشائخ ڪانفرنس ۾ ڪيل خطاب،  ٽيون ڏينهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ريمارڪ ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو نظام جرنيلن ۽ ڪامورن سنڀالي ورتو آهي، حڪومتي قدمن سان سپريم ڪورٽ جو حڪم ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اهو ريمارڪ پارليامينٽ طرفان مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ واري فيصلي جي ردعمل ۾ پارليامينٽ اندر ٿيل نئين قانون سازي جي ردعمل ۾ ڏنو ويو آهي ۽ هوڏانهن پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وري عدالت کي نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هڪ ادارو بار بار مداخلت ڪري ٿو ۽ ٽافين وانگر هڪ سياسي جماعت کي فائدو ڏيارڻ لاءِ ٽافين وانگر مخصوص سيٽون ورهايون ويون آهن. سو موجوده بحران جو ذميوار اهو ادارو آهي. هن چيو ته اسان جي عدالت جو دنيا جي ڪا به عدالت مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. اسان جي عدالت ڊيم ٺاهي سگهي ٿي، سموسن ۽ ٽماٽن جي قيمت به مقرر ڪري سگهي ٿي!

ماضيءَ ۾ اندروني طور اختلاف هوندا هيا ۽ هاڻي ادارا کلي عام ايئن هڪٻئي جي خلاف بيان بازيون ڪن ٿا جئين مخالف سياسي جماعت جا اڳواڻ هڪٻئي جي خلاف بيان بازي ڪندا آهن. اها صورت حال رياستي ۽ حڪومتي ادارن لاءِ ڪنهن ريت به قبولڻ جوڳي ناهي. خاص ڪري بنگلاديش ۾ هاڻي جنهن طريقي سان وڳوڙي حالتون پيدا ڪري شيخ حسنه واجد جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ حسينه واجد کي وزيراعظم هوندي جنهن طريقي سان ملڪ مان فرار ٿيڻو پيو تنهن کان پوءِ هر ڪنهن کي موجوده ملڪي حالتن ۽ ٽن اهم ادارن جي ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي آهي ۽ ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي ته ڪٿي پاڪستان جون حالتون به بنگلاديش جهڙيون نه ٿي وڃن جنهن جو خطرو ملڪ جون مخالف سياسي جماعتون پڻ بيان ڪري رهيون آهن پر حڪومت ۽ مخالف ڌر توڙي ٽن ڄاڻايل رياستي ادارن  اسٽيبلشمينٽ، پارليامينٽ ۽ عدليه کي بظاهر ڪو  اونو ناهي جنهن تي اچرج جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

سو حالتن جي تقاضا اها آهي ته هي ملڪي ادارو ذميواري وارو ڪردار ادا ڪري جيڪو آئين ۾ طئي به ٿيل آهي. ٽن ڄاڻايل ادارن جي ان ڇڪتاڻ جو اهو ئي حل آهي جنهن هر دور ۾ نشاندهي ٿيندي رهي آهي. پر افسوس ته هتي هر دور ۾ هڪڙن سامراجي، حڪومتي، اقتداري، سياسي  ۽ پارٽي مفادن تحت ۽ نظريه ضرورت تحت ملڪ کي هلايو ويوآهي جنهن سبب هي ملڪ هميشه نازڪ دور مان گذريو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ کي آئين قانون ۽ جمهوريت جي  روح پٽاندڙ ڪڏهن به ناهي هلايو ويو.

1947۾ ٺهيل ملڪ لاءِ هن وقت تائين طئي نه ٿي سگهيو آهي ته ملڪ جو سپريم ادارو پارليامينٽ آهي، اسٽيبلشمينٽ آهي يا عدليه آهي. آئيني ۽ قانوني طور تي ته پارليامينٽ ئي ملڪ جو سپريم ادارو  آهي پر عملي طور سڀ کان ڪمزور پوزيشن پارليامينٽ  جي رهي آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جي ڪردار کي هتي سگهاري حيثيت ملي آهي ۽  انهن ادارن کي اها مضبوط حيثيت نظريه ضرورت جي  گهڙيل غير آئيني  ۽ غير قانوني پاليسيءَ ڏني آهي. هاڻي به اصل جهيڙو ان تي آهي ته ملڪ جو سپريم اداروڪهڙو آهي. اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ پارليامينٽ هر ادارو پنهنجي طور سپريم اٿارٽي جي دعويٰ ڪري رهيو آهي جنهن سبب ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي ۽ ملڪي حالتون نه چاهيندي به بنگلاديش جهڙيون ٿينديون پيون وڃن. جيڪڏهن ملڪي حالتون واقعي به بنگلاديش جي حالتن جهڙيون ٿينديون ته ان جي ذميواري پوءِ ٽنهي ادارن اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ پارليامينٽ تي هوندي.

اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ڪي تمام وڏا مسئلا، بحران ۽ جنگيون وغيره جيڏا وڏا معاملا هوندا آهن يا نظر ايندا آهن، بند ۽ سوڙهي گهٽي ۾ ڦاٿل ڏسڻ ۾ ايندا آهن تن جو حل وري سيڪنڊن ۾ سوچڻ تي نڪري ايندو آهي. مثال جنگين جو پهريون ۽ آخري حل ڳالهيون ئي هونديون آهي اوهان ڀلي ڏهه سال جنگ ڪريو پر ان جو حل آخر ڪار ڳالهين جي ميز تي ويهڻ سان نڪرندو. موجوده ملڪي مسئلي توڙي ٽن ادارن جي ڇڪتاڻ جو حل جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ طئي ٿيل آهي پر هڪڙين سامراجي، اقتداري، حڪومتي پارٽي ۽ سياسي مفادن ڪري ڄاڻي واڻي درست رستو اختيار نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري مسئلا ۽ بحران پيدا ٿين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.