ھو ملڪي فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور ڀرتي ٿيو ھو، سندس والد به فوجي آفيسر ھو، جيڪو اوڀر پاڪستان ۾ فوج جو وڏو آفيسر رھي چڪو ھو، ھن نوجوان فوج ۾ ذميواريون ادا ڪندي ترقيون ڪيون ،پھرين ميجر ، بعد برگيڊيئر ۽ آخر ۾ ڪرنل بڻيو ، سندس ذميواريون پڻ اوڀر پاڪستان ۾ ھيون ،جتي 1970 جي چونڊن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ، شيخ مجيب الرحمان اقتدار جي منتقليءَ لاءِ ملڪ جي صدر جنرل يحيي خان کي اپيلون ڪندو رھيو پر اقتدار جي منتقلي ۾ دير ٿيندي رھي. جتان کان آھستي آھستي بغاوت جي لھر شروع ٿي جيڪا بعد ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۽ رتو ڇاڻ ۾ تبديل ٿي وئي .
بنگال مان بنگلا ديش بڻجڻ جي ڪھاڻي ان فوجي آفيسر جي زباني ٿا ٻڌون جيڪو بنگال ۾ ڪمان سنڀالي رھيو ھئو ،ھو ٻڌائي ٿو ته ان وقت پاڪستان جي فوج واضح طور تي ورھائجي وئي ۽ بنگالي فوجين باغين جو ساٿ ڏيئي اولهه پاڪستان جي فوجين کي مارڻ شروع ڪيو. ھيءَ ڪھاڻي اسان کي پاڪستاني فوج جو اڳوڻو ڪرنل ۽ ڀارتي فوج ھٿان قيد ٿيندڙ اڪرام سھگل ٻڌائي ٿو. اڪرام سھگل اڄ ڪلھه ڪراچي ۾ بزنس مين آھي ، ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي ، سيڪيورٽي ڪمپنين جي ملڪ گير يونين جو صدر به رھيو آھي ، ھن بنگلا ديش ۾ فوجي بغاوت، پنھنجي قيد ٿيڻ ۽ ھندوستان جي جيل مان فرار ٿيڻ تي ڪتاب لکيو ، جيڪو اردو ۾ آزادي جي نالي سان ڇپيو ھئو ،ڪجهه سال اڳ اڪرام سھگل اھو ڪتاب پاڻ مون کي ڏنو ھو، بنگلا ديش جي ھاڻوڪي صورتحال کي ڏسي مون سوچيو ته پڙھندڙن کي ھڪ اڳوڻي فوجي آفيسر جي زباني سندس ڪھاڻي جا ڪجهه حصا پڙھايان.
اڪرام سھگل لکي ٿو ته:
مارچ 1971 ۾ ھو جڏھن واپس ڍاڪا پھتو ته صورتحال بدلجي چڪي ھئي ، اليڪشن کان پوءَ اوڀر پاڪستان ۾ بغاوت شروع ٿي چڪي ھئي ، فوج جا اولهه پاڪستان سان واسطو رکندڙ ڪيترائي جنرل ۽ ٻيا ڪمانڊنگ آفيسر مڪتي باهني ( باغي تنظيم ) سان ملي چڪا ھئا ، منھنجي خوشقسمتي اھا ھئي جو منھنجو پيءُ پنجابي ۽ ماءُ بنگالڻ ھئي ،جنھن سبب مون کي آڏي ابتي بنگالي ٻولي به ايندي ھئي ،ڍاڪا ۾ ذميواريون سر انجام ڏيڻ سبب ڪيترائي بنگالي فوجي آفيسر منھنجا دوست به ھئا جنھن سبب ڍاڪا ۾ مان زنده ته بچي ويس پر ڪيترائي نوجوان فوجي آفيسر مون کي قتل ڪرڻ لاءِ منھنجو پيڇو ڪندا رھيا.
سندس ھنن سٽن مان گھڻو ڪجهه سمجھڻ گھرجي ته جڏھن شيخ مجيب الرحمان کي اقتدار نه مليو ته بنگال ۾ حالتون ان حد تائين خراب ٿي چڪيون ھيون جو موجوده پاڪستان جي فوج بنگال ۾ اڪثريت ۾ ھجڻ باوجود ڊيوٽي ڪرڻ کان گھٻرائي رھي ھئي ،ان جو ھڪ ڪارڻ اتي فوج کان نفرت ۽ ٻيو ڪارڻ مڪتي باهني جي عوامي سطح تي منظم ھجڻ ھئو ،ايتري قدر جو فوج جو وڏو حصو باغين سان ملي چڪو ۽ اوڀر پاڪستان مان بنگال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ فوجي پريشان ھئا ته ھو آخر ڇا ڪن ،ڇوته فوج ۾ شروع ٿيل بغاوت سبب سندن ئي ساٿي سندن رت جا پياسا بڻجي چڪا ھئا.
ساڳئي ڪتاب ۾ اڳوڻو ڪرنل اڪرام سھگل لکي ٿو ته ؛ ھو ڍاڪا مان جڏھن پنھنجي ڊيوٽي جي جڳهھ تي پھتو ته کيس فوج ۾ مشڪوڪ نگاھن سان ڏٺو ويندو ھئو ، اتي پھچي کيس خبر پئي سندس پھچڻ کان اڳ ھتي ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي ماري ڇڏيائون ،جنھن سبب مون کي پڪ ٿي ته منھنجو وارو اچڻ وارو آھي منھنجو موت ھتي ئي لکيو ويو آھي ،مون کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ذميواري ڏني وئي ھڪ اھڙو ھنڌ جيڪو خطرناڪ ھئو ،ڀارتي سرحد جي ويجھو ھئو، پر اتي جو آفيسر منھنجو محسن ھئو ڇوته من کي جنھن انفينٽري ۾ موڪليو ويو اھو ٺاھيو ئي منھنجي والد ھئو ، اتي پھچڻ کان پوءَ به مون کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪي نوجوان فوجي آفيسر رٿا بندي ڪري رھيا پر منھنجي آفيسر کين خبردار ڪيو ته ھن کي ڪجهه به ٿيو ته مان ڪنھن کي به نه ڇڏيندس، خير مون کي قتل ته نه ڪيو ويو پر مون کي بارڊر سيڪيورٽي فورس پڪڙي ڀارتي فوج حوالي ڪيو جتي مون کي جنگي قيدي بڻايو ويو، ھڪ فوجي لاءِ دشمن فوج ھٿان جنگي قيدي بڻجڻ کان شھيد ٿيڻ بھتر ھوندو آھي پر مان بھرحال ھاڻي دشمن فوج جو جنگي قيدي بڻجي چڪو ھوس;
اڪرام سھگل جنگي قيدي بڻجڻ بعد ھندوستان جي ڪيترن ئي جيلن ۾ رھيو ،نيٺ ھو جيل مان فرار ٿي پاڪستان پھتو ھئو ،پر اڪرام سھگل وانگر 90 ھزار فوجي ۽ سندن مددگار ڀارتي جيلن ۾ قيدي بڻجي چڪا ھئا ،ڇوته جنرل اي ڪي نيازي جنرل اروڙا سنگھه سامھون ھٿيار ڦٽا ڪري چڪو ھئو ، پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿي چڪو ھئو، باقي رھيل پاڪستان جو اقتدار ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ٿيو بعد ڀٽو ڀارت سان ھڪ ٺاھ ڪري 90 ھزار جنگي قيدين کي ڀارت کان آزادي ڏياري.