لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سياسي حقيقت کي قبولڻ کانسواءِ ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ٿو اچي سگهي.
ڪوٽ لکپت جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته چاليهه ورهين کان سياست ڪري رهيو آهيان پر 39 سال ۾ ڪو ڪيس داخل ناهي ٿيو، هڪ سال اندر مون تي درجني ڪيس داخل ٿي چڪا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڪنهن کي برو لڳي يا سٺو، پي ٽي آءِ باني سياسي حقيقت آهي، سياسي حقيقت کي قبولڻ کانسواءِ سياسي استحڪام نه ٿو اچي سگهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته نواب اڪبر بگٽي سان جيڪو ٿيو ظلم هو، اڪبر بگٽي پاڪستان مخالف نه هو، هڪٻئي کي غدار، غدار چوڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، 75 سالن کان غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا پيا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته محمود خان اچڪزئي ڊيموڪريٽ آهي، جهموري ۽ آئيني سوچ رکندڙ غدار نٿو ٿي سگهي، بلوچستان ۾ امن جو رستو ڳالهين ذريعي ئي نڪرندو.
You might also like