پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 16 سالن دوران ڪيترو اضافو ٿيو؟ انگ اکر جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزارت چيو آهي ته گذريل 16 سالن دوران ملڪ جي پرڏيهي قرضن ۾ 21.3 کرب رپين ۽ اندروني قرضن ۾ 40.2 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي.

ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جون 2008ع ۾ سرڪاري قرض 6.1 کرب هو جيڪو 2024ع ۾ 67.5 کرب رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته جون 2008ع ۾ اندروني قرض 3.3 کرب ۽ پرڏيهي قرض 2.9 کرب رپيا هئا.

انگن اکرن موجب جون 2024ع ۾ اندروني قرض 43.4 کرب ۽ پرڏيهي قرض 24.1 کرب رپيا هو.

وزارت خزاني موجب، 16 سالن دوران قرضن ۾ 18.9 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي، 2008ع ۾ سرڪاري قرض 6.1 کرب ۽ 2013 ۾ 12.7 کرب رپيا هو جڏهن ته 2018 ۾ 25 کرب رپين تائين پهتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.