ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار سنجي دت چيو آهي ته هو بالي ووڊ ڪلاسڪ ” ساجن “ جهڙي رومانوي فلم ٻيهر ڪرڻ چاهي ٿو.
هڪ بيان ۾ سنجي دت چيو ته هو رومانوي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، سٺو اسڪرپٽ مليو ته رومانوي فلمون ڪرڻ لاءِ ها ڪري سگهجي ٿي.
اداڪار چيو ته سندس جنريشن عوام لاءِ ڪم ڪيو آهي انڪري هو عوامي هيرو آهي.
ياد رهي ته سنجي دت هدايتڪار لارنس ڊيسوزا جي فلم ” ساجن“ ۾ هڪ حساس شاعر جو ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته ماڌوري ڊڪشت ۽ سلمان خان به فلم جو حصو هئا.
You might also like