ٽنڊو الهيار( ڊر) ٽنڊوالهيار ۾ شهيد نذير عباسي يادگار ڪميٽي پاران نالي واري کاٻي ڌر جي اڳواڻ شهيد نذير عباسي جي 44 هين ورسي ملهائي وئي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب ۾ نذير عباسي جي جدوجهد ۽ اڄوڪي جمهوريت“ جي عنوان سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سياسي . سماجي . صحافين وڪيلن ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ جيڪي حالتون آهن ان ۾ اسان کي نذير عباسي جهڙن اڳواڻن جي ضرورت آهي آمراڻي دور ۾ نذير عباسي کي شهيد ڪرڻ جو مقصد هن خطي جي مزدورن ، هارين ۽ شاگردن جي جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ هو ، پر نذير عباسي جي شهادت کان پوءِ اها جدوجهد اڃا به وڌيڪ اڳڀري ٿي وئي هنن چيو ته اڄ جي دور ۾ سياسي ڪارڪنن کي نذير عباسي بڻجڻ جي ضرورت آهي ، جيڪڏهن اسان هن ملڪ ۾ حقيقي جمهوري راڄ قائم ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان سڀني کي مزدورن ، هارين ۽ شاگردن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو انهي لاء سڀئي گڏجي عزم ڪريون جيئن پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي مستقبل کي سنواري سگهون ان موقعي تي ثمر حيدر جتوئي . غلام محمد ڪنڀار . عبدالرحمان سمون . نهال عباسي . سيد سجاد شاه . غلام رسول درس . عبدالرشيد جعفري . اقبال جروار . سهيل عباسي . باغي ڪالرو . ستار جروار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو