اسلام آباد (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو آهي ته منهنجي گهر جو بجلي جو بل 10 لک رپيا آيو آهي، ڇا ڪيون؟ ڪا شيءِ وڪڻي بل ادا ڪرڻو پوندو. پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايمل ولي چيو ته هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بجلي آهي. آءِ پي پيز کان نجات نه ٿا ڏياري سگهن ته بنگلاديش جو حال ڏسي ڇڏن. اي اين پي اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن قيادت کانسواءِ تحريڪ شروع ٿي ته ان کي ڪير به ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي کي ڊرامي بازين مان نڪري قوم جو خيال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي جي پنهنجي علائقي ڊيره اسماعيل خان ۾ حڪومتي رٽ ناهي. انهن علائقن ۾ شام کانپوءِ پوليس ٿاڻن کان ٻاهر نه نڪرندي آهي.