ڪراچي( رپورٽر) ضياءُ جي آمراڻي دور ۾ شهيد ڪيل نذير عباسي جي چوئيتاليهين ورسي اڄ ڪراچي ۾ ملهائي ويندي. عوامي حقوق پاران مخدوم بلاول وليج ۾ صفورا چورنگي روڊ تي تقريب ٿيندي. انجمن اتحاد عباسيه جي آڊيٽوريم ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ڪميونسٽ، پورهيت اڳواڻ، انساني حقن جا اڳواڻ شهيد نذير عباسي جي جدوجهد تي روشني وجهندا ۽ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پورهيت راڄ لاءِ جدوجهد تي ڳالهائيندا.