بنگلاديش جهڙيون حالتون آهن، حڪومت ٻن مهينن ۾ ختم ٿيڻ واري آهي

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان حڪومت جي خاتمي لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو آهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو ته مان جيل مان  پيشنگوئي ڪري رهيو آهيان ته حڪومت وٽ رڳو ٻه مهينا بچيا آهن، حڪومت ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آهي، ملڪ جون حالتون بنگلاديش جهڙيون آهي. عمران خان چيو ته مون وٽ گهڻو وقت آهي، توهان جو وقت ختم ٿي رهيو آهي، هي بيوقوف آهن، اهي نٿا سمجهن.هن گذريل ڏينهن جو مطالبو ورجايو ۽ چيو ته جيڪڏهن 9 مئي سانحي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ پي ٽي آءِ وارن کي سامهون آندو ويو ته معافي گهرندس. عمران خان چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ شاهد پيش ڪندس، جنهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪري سگهبي، ٻي صورت ۾ ويگو ڊيلا پهچي ويندو. هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته مون غير مشروط معافي گهري آهي، مان رڳو پاڪستان لاءِ ڳالهائڻ لاءِ چئي رهيو آهيان. پي ٽي آءِ جي باني چيو ته جيترا به ڪيس ٺاهڻ چاهيو، ڊيل نه ڪندس. ان موقعي تي صحافي جو چوڻ هو ته 9 مئي سانحي جون سموريون تصويرون رڪارڊ تي آهن، باقاعده ميڊيا ان کي لائيو ڏيکاريو، اوهان جا ماڻهو چوندا رهيا ته فوج ريڊ لائين ڪراس ڪئي آهي، اڄ اسان اوهان جي ريڊ لائين ڪراس ڪنداسين. عمران خان چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو نه هئا، اسان جا ماڻهو نه هئا، جن   باهه ڏني هئي، انهن کي سڃاڻان ٿو. صحافي سوال ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، نوازشريف کي اقتدار تان هٽايو ويو پر انهن پارٽين جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج جي سڏ نه ڏني ته پوءِ اهڙو سڏ ڇو ڏنو؟ ان تي پي ٽي آءِ باني چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي.  اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ظاهر آهي ته جتي به ڪو مسئلو ٿيندو احتجاج ڪنداسين، اهو اسان جو آئيني حق آهي، پرامن احتجاج ڪرڻ تي اسان کي دهشتگرد بڻايو ويو.صحافي سوال ڪيو ته توهان جي خلاف سمورن ڪيسن جو فيصلو ٿيو، توهان کي عدالتن مان رليف مليو، هاڻي توهان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هڪ ئي معاملو آهي، اهو آهي 9 مئي. ؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان به ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام چاهيان ٿو، 9 مئي تي اسان کي انصاف ڏيارڻ جو هڪ ئي رستو آهي. صحافي سوال ڪيو ته حڪومت ۾ موجود ماڻهو چون ٿا ته توهان معافي وٺي رهيا آهيو ڇو ته توهان کي خبر آهي ته توهان جو ٽرائل هاڻي فوجي عدالتن ۾ ٿيڻو آهي؟ ان تي عمران خان چيو ته هنن ويلهي ٽالن جو هڪ ئي مقصد آهي، فوج ذريعي پي ٽي آءِ کي ختم ڪيو وڃي ۽ هو بچي وڃن پر بچي نه سگهندا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي انتظام هيٺ عبوري سيٽ اپ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي نگراني ۾ جيڪي به چونڊون ٿيون، ان کي تسليم نه ڪنداسين. صحافي سوال ڪيو ته توهان موجوده آرمي چيف کي غير جانبدار ٿيڻ لاءِ پيغام موڪليو؟ ان تي عمران خان چيو ته مون رڳو آرمي چيف کي غير سياسي ٿيڻ ۽ آئين جي حدن ۾ رهڻ جو چيو هو، مون غير جانبدار ٿيڻ جو نه چيو هو، غير جانبدار رڳو جانور هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.