ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ڪراچي، حيدرآباد موٽروي حدن ۾ ايندڙ ملڪيت تڪراري معاملي تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اين ايڇ اي کان ڪراچي کان حيدرآباد موٽروي جي حدن ۾ ايندڙ ملڪيت جي لسٽ به طلب ڪري ورتي. عدالت چيو ته اين ايڇ اي ڪنهن پيٽرول پمپ، هوٽل ۽ ٻين سرگرمين جي لاءِ ڪا ليز جاري ڪئي آهي ته ٻڌايو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جهڙي طرح ٻين موٽر ويز تي سهولتون آهن ڇا اهي سهولتون ڪراچي ڄامشوري موٽروي کي به ڏنيون ويون آهن؟ موٽروي تي قائم ملڪيتن کان جولائي 2023 کان جون 2024 تائين ڪيتري فيس وصول ڪئي وئي آهي ان جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.